111

ڪوٽ غلام محمد ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران ويهاريل پرڻيل ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوٽ غلام محمد (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ غلام محمد  شھر ۾ ڏکن جي ماريل پنھنجي اڳوڻي مڙس کي ڇڏي عطائي ڊاڪٽر ايسر داس ڪولھي وٽ ويٺل 45  سالا شريمتي گلي زال آئيڏان لوھار قرضين ۽ وياج خورن جي تنگ ڪرڻ تي ۽ برادري پاران عطائي ڊاڪٽر وٺ ويھڻ سبب برادري واسطا ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪارو پٿر کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، پوليس عطائي ڊاڪٽر ايسر داس ڪولھي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ واقعي جي جانچ شروع ڇڏي آھي، ناري جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي ،معصوم ٻچڙا ماءُ جي مڙھ کي چنڀڙي پيا ۽ دردناڪ دانھون ڪندي ماحول سوڳوار ٿي ويو ،ھوڏانھن ناري جي پيرسن امڙ شريمتي لڇمي ۽ ناري جي ڀاءُ نيڻو لوھار صحافين کي ٻڌايو ته گلي جي موت جو ذميوار عطائي ڊاڪٽر آھي ۽ کين تنگ ڪندڙ قرضائي آھن، ھوڏانھن لاڪپ ٿيل عطائي ڊاڪٽر ايسر داس ڪولھي ٻڌايو ته مون شريمتي گلي لوھار کي سھارو ڏئي پنھنجي زال سمجھي ويھاريو ھو، مون قرضاين کي قسطون ڪري پئسا ڀري پي ڏنا، الاھي ڇو ھن اھو قدم کنيو، جڏھن ته پوليس واقعي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو