ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف 3 جون کان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي کان پوءِ هاڻ سنڌ کي پاڻي کوٽ جو تحفو به ڏنو پيو وڃي، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. هن چيو ته هاڻ پ پ ڪنهن به صورت ان معاملي تي ماٺ ڪري نه ويهندي، اسان ارسا کي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ کي معاهدي موجب پاڻي ڏنو وڃي، ٺٽي ۾ پاڻي کوٽ سبب آبادگار پوک به نه پيا ڪري سگهن، نثار کهڙي اعلان ڪيو ته پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪنداسين، 3 جون تي لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 جون تي ٺٽي ۽ بدين ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، 9 جون تي سکر ۽ 15 جون تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي، ابتو اسان جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، پاڻي گهٽ آهي ته سڀني کي گهٽ ملڻ گهرجي، رڳو سنڌ کي گهٽ پاڻي ڇو پيو ڏنو وڃي؟ ٻي پاسي آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انوار سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ غيرقانوني طور تي لنڪ ڪئنال کوليا ويا جنهن سان سنڌ کي 3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنجاب جو دورو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، اسان جون شڪايتون ارسا سان ئي آهن، پنجاب جو وڏو وزير پهرين چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنال جو جواب ڏي. سهيل انوار سيال وڌيڪ چيو ته سنڌ کي هلندڙ مند ۾ 33 ملين ايڪڙ فيٽ پاڻي ملڻ گهرجي ها پر ان جي بدران رڳو 30.89 ملين ايڪڙ فيٽ پاڻي ڏنو ويو آهي.
113