105

اسان سان سياست نه پر انصاف ڪيو وڃي جنهن جو وزيراعظم واعدو ڪيو هو:جهانگير ترين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته اسان سان سياست نه پر انصاف ڪيو وڃي، جنهن جو وزيراعظم واعدو ڪيو هو. اهڙو اظهار هن  پنهنجي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واعدو ڪيو هو ته انصاف ڪيو وينديو، پر هاڻي گهڻو وقت گذري ويو آهي، هاڻ انصاف ملڻ کپي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان منهنجي معاملي جي جانچ لاءِ علي ظفر کي مقرر ڪيو هو جنهن وڏي محنت سان رپورٽ ٺاهي آهي، اميد هئي ته رپورٽ سامهون آندي ويندي، علي ظفر به چيو هو ته مئي ۾ رپورٽ پيش ڪندس. پر اها اڃان ظاهر نه پئي ڪئي وڃي. جهانگير ترين چيو ته علي ظفر رپورٽ ۾ جيڪو چيو آهي اهو ظاهر ٿيڻ گهرجي، ان تي ايڪشن کنيو وڃي. اسان کي ڪجهه اهڙين ڳالهين جو پتو پيو آهي جيڪي ٻڌائي نه ٿيون سگهجن. رپورٽ اچڻ تي کلي ڳالهيون ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنهن به حڪومتي عهديدار سان ملاقات نه ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معاملا نذير چوهاڻ جي گرفتاري سان بگڙيا آهن. جهانگير تري وڌيڪ چيو ته ڪچي ضمانت جي لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ٿياسين. هر پيشي تي نئين تاريخ ملي ويندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو