ACCIDENT 121

ميان صاحب ڀرسان موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجي وئي، ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت

ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) ميان صاحب ڀرسان موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجي وئي، ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت، ان سلسلي ۾ شڪارپور-جيڪب آباد قومي شاهراهه تي دوست واهه وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ڀت سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ همايون شريف جي ڳوٺ عطر چانڊيو واسڻ گوهر خاتون، سندس پٽ طارق پٽ بلاول چانڊيو ۽ نور خان پٽ شفيع محمد چانڊيو موقعي تي فوت ٿيا، هوڏانهن ٽنهي فوتين جا لاش ايمبولينس ذريعي سلطان ڪوٽ اسپتال نيا ويا، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته اسپتال مان طارق چانڊيو ۽ سندس امڙ گوهر خاتون جا لاش وارث ڊاٽسن وسيلي ڳوٺ عطر خان چانڊيو کڻي ويا، فوتين جا مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام متل هو، جڏهن ته ٽنهي فوتين جي اڄ تدفين ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو