109

پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پنهنجا رستا مبارڪ هجن:شاهد خاقان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پنهنجا رستا مبارڪ هجن، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ۽ دفاع ڪرڻ منهنجو ڪم آهي،ڪندو رهندس، اڄ به ملڪي سياست جو محور نواز شريف آهي،اجائين ڳالهين سان ملڪ نه هلندو، هن چيو ته عوامي خزاني کي ڌاڙا هڻندڙ خانگي جهازن ۾پرڏيهه گهمي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو