119

ڏکڻ ايشيا ۾ڊگهي امن جو دارومدار پراڻن تڪرارن جي حل ۾ آهي:آرمي چيف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊو فوج ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ميجر جنرل عامر احسن نواز آرمي چيف جو استقبال ڪيو، دوري دوران ڪمانڊ ۽ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ڊگهي امن جو دارومدار پراڻن تڪرارن جي حل ۾ آهي، پيچيده چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده عزم گهربل آهي،دهشتگردي جي لعنت کي قوم طور ڀرپور نموني منهن ڏنو ويندو، عالمي برادري جي نتيجي جوڳي تعاون ۽ سنجيده ارادن سان پيچيده چيلنجن ۽ مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج ٻين رياستي ادارن سان گڏ پنهنجون ڀرپور نموني ڪوششون ڪري رهي آهي، جامع قومي ڪوششن سان پاڪستان ۾ترقي ۽ استحڪام ممڪن ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو