لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جهڙن ليڊرن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ترقياتي منصوبن تي عمل ڪري ڏيکاريو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ڊگهي مدي واري منصوبابندي رڳو مسلم ليگ (ن) ئي ڪئي هئي، وزيراعظم قوم کي ڏٽا ڏئي پيو ته ڊگهن منصوبن جو فقدان هو.
