133

چائنيز ويڪسين کي سرٽيفڪيٽ لسٽ ۾شامل ڪرڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او کي درخواست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري کاتي چائنيز ويڪسين کي سرٽيفڪيٽ لسٽ ۾شامل ڪرڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او کي درخواست ڪئي آهي. سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل چيو آهي ته سائنو فارم ۽ ٻين چائنيز ويڪسين کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ لسٽ ۾ شامل ڪريو، هن وقت رڳو ايسٽر ازيبينڪا ويڪسين لڳائيندڙ پرڏيهه ملڪ سفر ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته پرڏيهه ويندڙ هزارين ماڻهن کي سائنو فارم ۽ سائينو ويڪ ويڪسين لڳي چڪي آهي، جن کي اهي ويڪسين لڳيون آهن،انهن کي ٻيهر ايسٽر ازبينڪا ويڪسين نٿي لڳي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو