ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي صورتحال ۽ وفاق پاران مسلسل زيادتين تي پيپلزپارٽي سڄي صوبي ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ هوش وڃائيندڙ مهانگائي کانپوءِ هاڻ سنڌ کي پاڻي جي کوٽ جو تحفو به ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ سراپا احتجاج آهي، پيپلزپارٽي ان صورتحال ۾ ڀلا ڪيئن خاموش رهي سگهي ٿي، ارسا کي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجو پاڻي ڏنو وڃي، ڇو ته ٺٽي ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ماڻهو فصل نه ڪاهي سگهيا آهن، هن اعلان ڪيو ته 3 جون تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ احتجاج ڪيو ويندو، 5 جون تي ٺٽي ۽ بدين ۾ مظاهرا ٿيندا، 9 جون تي سکر ۽ 15 جون تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي، ابتو توهين ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن پاڻي گهٽ آهي، سڀني جو گهٽ ٿيڻ گهرجي، رڳو سنڌ جو پاڻي گهٽ ڇو ٿو ٿئي؟ سنڌ جي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال بئراج جي جاچ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم پهريان ڄاڻ وٺي پوءِ ڳالهائي، جڏهن ته ارسا جو چوڻ آهي ته درياهن ۾ پاڻي جا وهڪرا 24 سيڪڙو وڌي ويا آهن ۽ پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو کان گهٽجي 18 سيڪڙو رهجي وئي آهي، ارسا مطابق پاڻي وڌندڙ بعد صوبن جي حصي ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، پنجاب جي حصي ۾ 18 هزار ڪيوسڪ ۽ سنڌ جي حصي ۾ 35 هزار ڪيوسڪ واڌ ڪئي وئي آهي، ارسا ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ارسا جي اجلاس ۾ پاڻي جي تازي صورتحال ڏسندي صوبن جو حصو وڌايو ويو آهي. اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو هر احتجاج ۽ هر ماڻهو جو موقف درست آهي، ڇو ته اها ڳالهه رڳو سنڌ جا ماڻهو يا سنڌ حڪومت يا سنڌ جو ساڃاهه وند نٿو ڪري پر اها ڳالهه عالمي بئنڪ پڻ ڪري چڪي آهي، سنڌو درياهه جي پاڻي جو بهتر انتظام جي سري هيٺ ڪجهه وقت اڳ جاري ڪيل رپورٽ ۾ عالمي بئنڪ چيو هو ته وفاقي سرڪار 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن سبب صوبن ۾ بي اعتمادي وڌي رهي آهي ۽ هاڻ صوبا ان ٺاهه کان وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، عالمي بئنڪ اها سفارش ڪري چڪي آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ اڻڌريون ۽ بااختيار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي، ان وٽ پاڻي جي چڪاس لاءِ گهربل سامان هجڻ گهرجي ۽ هو پاڻي جي ورڇ لاءِ موجود پاڻي جو حساب ڪتاب به رکي، عالمي بئنڪ اها به سفارش ڪئي هئي ته وفاقي سرڪار انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ واري فيصلي تي عمل ڪري، هاڻ ان کان وڌ ٻيا ڪهڙا ثبوت ۽ انگ اکر ۽ ثابتيون ڏجن، جنهن سان وفاقي حڪومت کي اهو يقين اچي ته سنڌ سان ناجائزي ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ صورتحال اها آهي ته فصل ته پري ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي، ڊيلٽا ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڌي رهي آهي، سمنڊ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب زرعي زمينون ڳڙڪائيندو شهرن طرف وڌي رهيو آهي ۽ بدقسمتي سان اسان جي سرڪار، واپڊا توڙي ارسا ان کي پاڻي جو زيان سڏين ٿا، ڇا سنڌي هن ملڪ جا رهواسي نه آهن يا انهن کي رڳو ان ڪري سزا ڏيڻي آهي ته اهي پيپلزپارٽي کي ئي ووٽ ڏين ٿا، اسان سمجهون ٿا ته هي سياسي نه پر نج معاشي ۽ انساني مسئلو آهي، ان کي خاص عينڪ سان ڏسڻ بدران انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيو وڃن