130

سنڌ ۾ موجود مسئلن جا انبار نيٺ ڪيئن حل ٿيندا…؟؟

ليکڪ: عرفان ڪريم مغل

ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺبو ته سنڌ جو هاڻوڪو تعارف عجيب نظر ايندو، ماضي جي سکي ستابي، امن واري صوفين جي ڌرتي جو هاڻوڪو تعارف ڌاڙيل راڄ ۽ قتل ۽ غارت آهي،سنڌ جي ان تعارف جو ڪارڻ غير سنجيدگي آهي جنهن ڪري خوشحال سنڌ جو غريب عوام عذاب ۾ مبتلا آهي، ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهي ڌرتي ڌڻين ۽ ڳوٺن جي مالڪن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ان معاملي تي سڄي سنڌ سجاڳ ٿي ۽ هاڻ ڪراچي ۾ ساڃاهه وند ۽ قومپرست احتجاج ڪندا ته لڳي ٿو ته پوءِ ئي سرڪار جاڳندي، ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن وارو معاملو سامهون آيو هو تڏهن به سخت عوامي ردعمل کانپوءِ سرڪار جاڳي هئي، تازو نيب پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ٻهراڙين جي ماڻهن جا ڊومسائيل چيڪ ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو جيڪو پڻ ٽي چار مهينا پراڻو هو، جنهن تي پهريان سنڌ سرڪار خاموش هئي جڏهن سنڌ جي شعور آواز اٿاريو ته پوءِ سنڌ سرڪار عوام سان هم آواز ٿي وئي، ڪراچي ۾ نادرا جي آفيسرن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو معاملو هجي يا ڪراچي ۾ رهندڙ ڌارين کي آبادڪار ڪرڻ واري رٿا جڏهن ته سنڌ جي قومپرست پارٽين پاران شديد احتجاج ڪيا ويا ته پوءِ صوبائي سرڪار آواز اٿاريو، ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي هر شهر واهڻ وستي مسئلن جي ورچڙهيل آهي، ڪٿي صحت جو مسئلو، ڪٿي امن امان جو مسئلو آهي، ته ڪٿي وري تعليم جو مسئلو، پر سنڌ جي واهڻ وستي ۽ شهرن جي مسئلن طرف ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار ۾ چاچڙ برادري جي 10 ماڻهن جو قتل عام ٿيڻ ۽ شڪارپور ۾ روزانو ماڻهن جو اغوا ٿيڻ پوليس مقابلي ۾ پوليس اهلڪارن جو شهيد ٿيڻ اهڙن واقعن تي به رڳو آفيسرن جي تبديلي ڪئي وڃي ٿي، وري ماڻهن کان اهو اشو وسري وڃي ٿو، پوءِ ٺاپر اچي وڃي ٿي ٽن چئن مهين کانپوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، ڳالهه اها آهي ته گهوٽڪي مان هڪ پورهيت موهن لعل کي اغوا ڪيو وڃي ٿو،جنهن مٿان ڌاڙيل تشدد ڪن ٿا جيڪي ويڊيو وائرل ٿئي ٿي جنهن تي آءِ جي سنڌ، گورنر سنڌ ۽ وزيراعليٰ سنڌ نوٽيس وٺن ٿا، صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز پهچي وڃن ٿا ڊيل تحت 24 ڪلاڪن ۾ مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي ٿو جيڪا سٺي ڳالهه به آهي پر ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته موهن لعل کانسواءِ به انهن ڌاڙيلن وٽ ڪيترا ئي ٻيا بيگناهه ماڻهو قيد آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ ڪنهن سوچيو آهي ته ڌاڙيلن جو انت آندو وڃي، انهن کي سپورٽ ڪندڙ بااثرن خلاف به اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي، ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار ۾ چاچڙ برادري جي 10 ماڻهن کي گولين جو بک بڻايو وڃي ٿو،پوليس خاموش رهي ٿي انهن وٽ اهي هٿيار ڪيئن پهچن ٿا،اسان جو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪري رهيو آهي،جديد طرز جون پوليس ۾ اصلاحون آنديون پيون وڃن،هڪ ڪار ۾ چرس ۽ شراب کي پڪڙي سگهجي ٿو پر هٿيارن جي اسلملنگ جاري رهي ٿي ۽ ڪچي ۾ آساني سان هٿيار پهچي ٿو پوليس کي ڪاخبر نٿي رهي؟ شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت هڪ فوٽو گرافر شهيد ٿي وڃي ٿو جيڪو پوليس مقابلو نه هو پر ڊيل هئي بعد ۾ پوليس مقابلو ٿي ويو، پوليس کي اهڙيون بڪتربند گاڏيون ڏنيون وڃن ٿيون جنهن مان گوليون ڪراس ڪري وڃن،ان معاملي تي هڪ سردار کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو وري خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي،ڌاڙيلن جي سڀني ساٿارين پوءِ اهي ڪهڙي به قبيلي جا سردار توڙي بااثر ڀوتار ڇو نه هجن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي پوءِ وڃي امن امان بحال ٿيندو، هاڻي تازو وري پاڻي جو مامرو ٿيو آهي، وفاق زور آزمائي ڪندي سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏئي جنهن تي سنڌ ڀرپور احتجاج ڪيو آهي، پاڻي نه هجڻ جي ڪري چانورن،ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل نه ٿيندو، جنهن سان اربين روپين جو نقصان ٿيندو. ان ڪري هاڻ سنڌ سرڪار کي سنڌ جي مسئلن کي به سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي، حل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ٻن سالن کانپوءِ وري چونڊون ٿي رهيون آهن، هر پارٽي هن وقت کان ئي ايندڙ چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، سنڌ ۾ مسئلن جا انبار آهن، اهڙي صورت ۾ جيڪي هن وقت چونڊيل نمائندا انهن عوام جا ڪي به مسئلا حل ناهن ڪيا، ٻيو ته ٺهيو پر ٽن سالن تائين جيڪي لنڪ روڊ منظور ڪيا ويا يا مرمتي ڪم اهي به مڪمل ناهن ٿي سگهيا، قومي توڙي صوبائي مسئلن جا انبار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. بيشڪ وفاق جون ناجائزيون تمام گهڻيون آهن، پر اسان وٽ به عملدارن جي نااهلي سبب مسئلن جي کوٽ نه آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي سنجيدگي هاڻ سمورن مسئلن طرف موٽي اچڻ گهرجي ۽ انهن کي حل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي رليف ملي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو