128

ٿر جو کارو ٿيندڙ جر ۽ نهري نظام جي وڌندڙ ضرورت..!

ليکڪ: جنيد جعفري

1960 ع ۾ هندوستان پاڪستان جو پاڻي ٺاهه ڪنهن مخصوص شهر، تعلقي، ضلعي يا صوبي لاءِ نه ٿيو هو، هي ٺاهه ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيو هو، جنهن مطابق پاڻي سڄو ملڪ استعمال ڪري سگهندو، گادي جي شهر کان وٺي ملڪ جو ننڍڙو ڳوٺ به پاڻي جي استعمال جو حق رکندو، پر سڄي ملڪ کي پاڻي جو حق ملي رهيو آهي سواءِ ٿر رڻ جي، ٿر رڻ کي درياهه جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، هونئن ته رڻ کي مينهن جو پاڻي ملندو آهي پر جتي آبادي هوندي آهي اتي رڻ جي زندگي گذارڻ موت جيان هوندو آهي، رڻ ۾ رهندڙ زندگيون جر جو پاڻي استعمال ڪنديون آهن، اتي زمين ۾ 180 ميٽر هيٺ تائين نلڪا لڳائي، کوهه کوٽي جر وارو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو ماهرن مطابق انساني صحت لاءِ خراب آهي، ماهرن مطابق جسم ۾ هڏين جو سور جر وارو پاڻي استعمال ڪرڻ جي ڪري ٿيندو آهي، رڻ ۾ استعمال ٿيندو ئي جر جو پاڻي آهي، جر واري پاڻي جو رڻ ۾ گهڻو استعمال به رڻ جي زمين لاءِ سٺو نه آهي، هڪ ته رڻ واري زمين کي پاڻي ملندو نه آهي ٻيو سڄو سال جيڪو رڻ واري زمين کي مينهن جو پاڻي ملندو آهي اهو نلڪن ۽ کوهن ذريعي استعمال ٿي ختم ٿي ويندو آهي، جڏهن رڻ جي زمين هيٺان ذخيرن مان پاڻي ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ ان رڻ جي زمين ۾ گندگي، گرمائش ڪري مختلف نانگ ۽ ڀلائون نڪري اينديون آهن، جنهن جو اثر اتي جي آبادي تي پوندو آهي. وقت سان گڏ دنيا اڳتي وڌي رهي آهي، نيون نيون ايجادون ٿي رهيون آهن، سائنس ذريعي نوان نظام متعارف ڪرايا وڃن پيا، دنيا جي سمورن رڻن ۾ ڪئنال وارو نظام ٺاهيو پيو وڃي، جر جو پاڻي پيئندڙن کي ڪئنال سسٽم آڻي درياهه جو مٺو پاڻي ڏنو پيو وڃي ته هو جر جي خراب پاڻي کي استعمال ڪرڻ کان بچي سگهن، سنڌ جي رڻ جي پاڙيسري راجستان جي رڻ ۾ هندوستان سرڪار 1984ع ۾ ڪئنال جي سهولت ڏني هئي، ڇو ته اتي 115 گرمي پاري جي ڪري راجستان جا رهاڪو گرمي کي برداشت نه ڪري سگهندا هئا، ان وقت جي حڪومت مڪمل 25 سالن جي وقت ۾ ان رڻ ۾ 400 ميل ڊگهي ڪئنال جو نظام آڻي هندستان جي رڻ جي تاريخ بدلائي ڇڏي. هي ڪئنال Hairke barrage مان شروع ڪيو ويو جيڪو هندوستان پنجاب جي ستلج ۽ بياس درياهن سان لڳي ٿو، راجستان ڏانهن اچڻ کان پهرين هي بئراج پنجاب ۽ هريانا جي state کان ٿيندو راجستان ڪئنال ڏانهن اچي ٿو، راجستان ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ جيڪي ماڻهو جر جي پاڻي ڀرڻ تي هريل هئا، جيڪي عورتون وڏو پند ڪري پنهنجي ٻچن لاءِ کوهن تان پاڻي ڀرڻ وينديون هيون انهن لاءِ وڏي آساني ٿي وئي. راجستان ڪئنال جو اهم فيڊر پاڪستان کي 12 ميل ويجهو آهي، هاڻ اندازو لڳائجي راجستان رڻ ۾ ايشيا جو وڏو ڪئنال ۽ سنڌ جي رڻ ۾ ڪئنال جو نه هجڻ رڻ جي رهاڪن کي ڪيتري تڪليف پهچائيندو هوندو،  سنڌ صوبي ۾ ڪل ۳ بئراج آهن، جيڪي پنجاب کان ايندڙ پاڻي کي سنڌ جي مختلف علائقن تائين پهچائيندا آهن. پنجاب کان ايندڙ پاڻي گڊو بئراج کان ٿيندو سکر بئراج ۾ اچي ٿو، جيڪو سکر ڊويزن جي مختلف ڪئنالن کي ملي ٿو، سکر بئراج اڳتي وري پاڻي ڪوٽري بئراج ڏانهن موڪلي ٿو، جيڪو پاڻي حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ڪئنالن کي ملي ٿو، بدين ضلعو حيدرآباد ڊويزن ۾ اچي ٿو، بدين ضلعي جي ايراضي  6726 ڪلوميٽر ۽ آبادي ٻه لک کان مٿي آهي، ڪوٽري بئراج کان ايندڙ پاڻي حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ٽنڊومحمد خان کان ٿيندي بدين جي پڇڙي وارن علائقن تائين پهچي سڌو سمنڊ ۾ لهي ٿو، بدين ضلعي کان اڳيان به ٻه ضلعا مٺي ۽ عمرڪوٽ اچن ٿا اتي درياهه جو پاڻي نٿو پهچايو وڃي، جيڪڏهن رڻ جي علائقن ۾ ڪئنال جو نظام آڻي مٺي، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن کي مٺو پاڻي ڏنو ويندو ۽ هنن علائقن ۾ مٺي پاڻي جو استعمال گهڻو ٿيندو ته مٺي پاڻي کي رڻ جي زمين گهڻو پيئندي، جر ۾ پيل سمنڊ جو لوڻياٺو پاڻي پوئتي ويندو ۽ وقت سان اهو خطرو ختم ٿي ويندو ته سمنڊ لاڙ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ٿر جا ماڻهو گهڻي وقت کان جر جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن جيڪو انسان جي صحت لاءِ خراب آهي، جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري ٿر جي رهاڪن جي صحت تي اثر پئجي رهيو آهي جنهن ڪري اتي جا ٻار ڪمزور پيدا ٿي رهيا آهن، زراعت جو ذريعو به پاڻي آهي جيڪڏهن کين رڻ ۾ زراعت لاءِ پاڻي ملي به ٿو ته اهو جر جو کارو پاڻي ملي ٿو، جڏهن زراعت ۾ اهو کارو پاڻي استعمال ٿيندو آهي ته اهو فصل کاري پاڻي مان تيار ٿيندو آهي ۽ اهڙي فصل جا به صحت تي خراب اثر پوندا آهن، ٿر رڻ هئڻ ڪري ايتريون سٺيون ڀاڄيون ڏي ٿو  جيڪڏهن ٿر کي ڪئنال ڏنو ويندو ته ٿر جي زراعت ڪيتري وڌندي، ٿر رڻ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀاڄي کنڀي جيڪا نه صرف ٿر رڻ ۾ پسند ڪئي ويندڙ ڀاڄي آهي پر پوري پاڪستان ۾ هي ڀاڄي کاڌي وڃي ٿي، ياد رهي هي کونڀي ڀاڄي مينهن جي ڏينهن ۾ ٿيندي آهي جڏهن رڻ کي مينهن جو پاڻي ملندو آهي، مينهن جي ڏينهن ۾ ان ڀاڄي جا سٺا اگهه ٿيندا آهن ۽ رڻ واسين جي سٺي ڪمائي به ٿيندي آهي پر جڏهن مينهن ختم ٿي ويندا آهن اپريل، مئي، جون جون گرميون اينديون آهن ته رڻ ۾ ڏڪار پهچي ويندا آهن، ننڍرا معصوم ٻار بيمار ٿي پوندا آهن، عورتون، مرد، بزرگ مايوس ٿي ويندا آهن پوءِ اتي رڻ رهاڪن جو ڪير ڌڻي نه ٿيندو آهي، اسپتالن ۾ ايمرجنسيون لڳائي، ڳوٺن ۾ عارضي آر او پلانٽ ڏئي ٿر واسين جون دليون خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر آر او پلانٽ مسئلي جو حل نه آهي، آر او پلانٽ خالي پاڻي فلٽر ڪري ٿو جر جو پاڻي وري به جر جو پاڻي آهي ان مان لوڻ ۽ ڪيميڪل آر او پلانٽ ختم نٿو ڪري سگهي، مسئلي جو مستقل حل ڪئنال آهي. جيڪڏهن ٿر رڻ کي درياهه جو پاڻي ملندو ته هزارين مسئلا حل ٿي ويندا، هن وقت ٿر رڻ ۾ جيڪا صورتحال آهي اها ماڻهو ٻڌائي نٿو سگهي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٿر رڻ جو ماڻهو ايترو پريشان آهي، کوهه کوٽڻ جي باوجود جر ۾ پاڻي جا ذخيرا نٿا لڀن، ان ڪري گذريل هفتي ٿر جا 3 رهواسي پاڻي لاءِ کوهه کوٽيندي مٽي ۾ دٻجي مري ويا، جنهن واقعي کي صرف ميڊيا تي اچڻ جي ڪري اهميت ملي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٿر ۾ اهڙا واقعا هن مند ۾ معمول آهن،منهنجي سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ عملدارن کي گذارش آهي ته جلد کان جلد ٿر رڻ ۾ ڪئنال نظام آڻي اتان جي رهاڪن جا مسئلا مستقل بنيادن تي حل ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو