156

ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ، 91ع ٺاهه ۽ ورهاست ۾ ناڪامي جا اثر..

ليکڪ: جنيد ميراڻي

پاڪستان جن مسئلن کي سڀ کان وڌيڪ منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن انهن مان سڀني کان سنگين نوعيت جو مسئلو ڏسجي ته اهو پاڻي جو ئي آهي. پاڻي کانسواءِ زندگي جو تصور ناممڪن آهي، ڌرتي تي هر ساهواري جيوت لاءِ پاڻي ضروري آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ زراعت جو وڏو حصو آهي. وقت سان جيئن جيئن پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، تيئن تيئن زراعت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هڪ طرف درياهن ذريعي ايندڙ پاڻي ختم ٿي رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ زراعت توڙي آبي جيوت متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف زمين اندر پاڻي گدلو ٿيندو پيو وڃي، ڪجهه مهينا اڳ ان حوالي سان هڪ رپورٽ پڻ آئي هئي، جنهن موجب سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ زمين اندر موجود پاڻي ۾ سينکيو خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي، پاڻي ۾ سينکئي جي مقدار وڌڻ سان هڪ وڏو بحران پيدا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سينکئي واري پاڻي جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿينديون آهن، هڪ طرف اهو مسئلو منهن ڪڍي رهيو آهي ته ٻئي طرف پاڻي کوٽ وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ مستقبل ۾ سنڌ اندر پاڻي تي وڌيڪ سياست ٿيندي ۽ هن وقت ٿي به رهي آهي ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب احتجاج، ڌرڻا ۽ جهيڙا معمول بڻجي رهيا آهن، پاڻي جو ذڪر اچي ٿو ته ويجهڙ ۾ مشهور سماجي ورڪر ۽ وڪيل شهاب اوستي پاران سنڌ ۾ گندي پاڻي واپرائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست کانپوءِ واري صورتحال به اسان جي آڏو اچي وڃي ٿي، جنهن تحت سنڌ اندر 80 سيڪڙو گندو پاڻي واپرايو وڃي ٿو. جنهن کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ امير مسلم هاني جي سربراهي ۾ ڪميشن جڙي، جنهن ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا دورا ڪري پاڻي جي صورتحال تي ڪم ڪيو. شهاب اوستي جو چوڻ هو ته سنڌ کي گندي پاڻي جي هوندي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ان پاڻي واپرائڻ جي ڪري صحت سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا. سنڌ جو گادي وارو هنڌ ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪراچي جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ته ان سان گڏ پاڻي جي ضرورت پڻ وڌي رهي آهي، حڪومت ڪي 4 وارو منصوبو شروع ڪري رهي آهي پر ڪراچي کي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن مٿان کان ئي پاڻي جي کوٽ رهندي ته ڪراچي کي پاڻي ملڻ مشڪل هوندو، تيزي سان وڌندڙ آبادي جو بار شهرن مٿان پئجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي آبادي جو بار ان جي شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر وغيره تي پڻ آهي پر سنڌ جا تقريبن سمورا وڏا شهر پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ هر شهر ۾ ٽينڪرن ۽ ٻين ذريعن سان پاڻي وڪامجي رهيو آهي، اهي مسئلا پنهنجي جاءِ تي پر بنيادي مسئلو مٿان کان پاڻي اچڻ ۽ ان کانپوءِ ان جي ورڇ ۽ سنڀالڻ پڻ آهي، جڏھن ته گهڻو وقت اڳ عالمي بئنڪ چئي چڪي آھي ته وفاقي سرڪار 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن ڪري صوبن جو ان تي اعتماد نه رهيو آهي ۽ صوبن وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي رهي آهي، هاڻي ته صوبا ان ٺاهه کان به وڌيڪ ضمانتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان گڏ ٻيون ضمانتون به شامل آهن، عالمي بئنڪ اهڙو اظهار ”سنڌودرياءَ جي پاڻي جو بهتر انتظام“ جي عنوان سان جوڙيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڪندي عالمي بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ اڻڌريو ۽ بااختيار آڊيٽر مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي ملڪ ۾ موجود پاڻي جي چڪاس لاءِ گهربل سامان به هئڻ گهرجي ۽ هو پاڻي جي ورڇ جي لاءِ دستياب پاڻي جو حساب ڪتاب رکي. عالمي بئنڪ اها به سفارش ڪئي هئي ته وفاقي سرڪار انڊس ڊيلٽا ۾ گهربل پاڻي ڇڏڻ واري پنهنجي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري.  سمنڊ کي روڪڻ لاءِ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو معاملو ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي، هاڻي وفاقي سرڪار ان فيصلي تي ترت عمل ڪرائي. پاڻي جي عالمي قانون تحت درياءَ تي پهريون حق لوئر ريپريئن يعني هيٺاهين وارن علائقن يا پوڇڙ جو آهي. ان ڪري سنڌ جو پاڻي تي حق سڀ کان وڌيڪ مڃيو ويندو آهي ۽ سندس منظوري کانسواءِ پنجاب يا ٻيو ڪو مٿئون علائقو ڪو به منصوبو جوڙي نٿو سگهي. سنڌ جي ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته 1991ع وارو ٺاهه سنڌ جي مفادن وٽان نه هو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي شقون شامل نه ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ پڻ شامل آهي.  درياهن مان گڏجي ايندو هو، پر 1960ع ۾ انهيءَ وقت جي صدر جنرل ايوب خان ڪراچي ۾ عالمي بئنڪ جي نظرداري هيٺ ٽي درياءَ ڀارت کي ‘وڪڻي’ ڇڏيا ۽ ٽي دريائن راوي، ستلج ۽ بياس تي مڪمل طور ڀارت جو قبضو ٿي ويو. انهيءَ معاهدي جا اثر ان وقت بحث هيٺ نه آندا ويا پر هاڻي اسان ان کان چڱي ريت واقف ٿي رهيا آهيون ته ان جو اثر ڪيترو وڌيو آهي ۽ صوبن وچ ۾ پاڻي کوٽ جو تڪرار بار بار ٿيندو رهي ٿو. ان سان گڏ گهٽ پاڻي هجڻ ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري سمونڊ سنڌ ۾ بدين ۽ ٺٽي واري مقام وٽ زمين جو وڏو حصو ڳڙڪائي رهيو آهي. پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سان آبي جيوت ۽ ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن ته منڇر ڍنڍ ۽ ملاحن جي زندگي تي پڻ وڏا ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان پنجاب مان سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري، ارسا پاران اڪثر حق جيترو پاڻي فراهم نه ڪرڻ، واٽر لاسز، يعني پاڻي جي صحيح طرح سان سنڀال نه ڪرڻ، سنڌ اندر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ، پاڻي چوري وغيره شامل آهن. ارسا ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته پاڻي کي صحيح طرح سان ورهاست ڪرڻ لاءِ نه صرف واٽر ڪورس پڪا ڪيا وڃن پر پاڻي چوري روڪڻ سان سنڌ ۾ ڪنهن حد تائين پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ کوٽ جو ازالو ٿيندو. پاڻي جي کوٽ جو هڪڙو سبب ان جي منصفاڻي ورڇ نه هئڻ پڻ آهي. وفاقي حڪومت وانگر سنڌ ۾ به آبپاشي وارو کاتو پاڻي جي ورڇ منصفاڻي انداز سان ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. هر سال هن مند ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف احتجاج ٿيندا رهندا آهن ۽ هن وقت به ٿي رهيا آهن. ننڍن آبادگارن جو الزام رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪيترائي بااثر واهن ۽ ڪئنالن مان سڌا سنوا غير قانوني واٽر ڪورس ڪڍن ٿا، جنهنڪري سنڌ هڪ حساب سان داخلي مسئلي جو شڪار پڻ آهي. پاڻي کوٽ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ننڍا آبادگار ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته وڏا آبادگار طاقت وسيلي پاڻي حاصل ڪري وٺن ٿا. پاڻي کوٽ جو مسئلو ايڏو سنگين آهي جو ان معاملي تي قتل ٿيڻ سان گڏ قبائلي تڪرار پڻ پيدا ٿيندا آهن. تنهنڪري اهڙي حساس مسئلي کي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آبپاشي کاتي ۾ جيستائين سخت طريقي سان قدم کڻي سڌارا نه آندا ويندا تيستائين پاڻي کوٽ جي صورت ۾ عام ماڻهن ۽ غريب هارين مٿان معاشي موت جي تلوار لٽڪيل رهندي ۽ سنڌ جي وڏي آبادي جيڪا زراعت کي پنهنجي گذر سفر جو ذريعو بڻايو ويٺي اها متاثر ٿيندي، جنهن سان نه صرف معيشت تي خراب اثر پوندا پر سماجي بحران پڻ اڃان وڌيڪ وڌندو. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو شڪار جيترو ڳوٺاڻي زندگي ٿي رهي آهي، ايترو ئي شهري آبادي ۾ به پاڻي اڻلڀ آهي. اهو مسئلو صرف سنڌ جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي ۽ جديد دور ۾ نه صرف رياستون پر سماج به ان نئين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن 2018ع کان وٺي 2028ع تائين پاڻي جو ڏهاڪو قرار ڏنو آهي ۽  ترقي لاءِ پاڻي جي صحيح استعمال کي تمام گهڻو اهم ڄاڻايو آهي. پاڻي کوٽ، پاڻي اسٽوريج، ماحوليات جي تبديلي پاڻ ۾ ڳنڊيل آهن. تنهنڪري انهن مسئلن کي تمام گهڻي سنجيدگي ۽ هنگامي بنيادن تي ڏسڻ جي ضرورت آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو