ليکڪ: مٺل جسڪاڻي
انبن جي موسم آھي. انبن جون ڳالھيون عام آھن. ان حد تائين جو موتمار ڪورونا به وسريل آھي، ته تڪليف ڏئي ماريندڙ گرمي به، گهڻن کي ياد ڪانھي. ازل کان عشق جي بيماري به جيئن پوءِ تيئن وڌندي ئي رھي پئي، ان ڪري نه صرف عاشق جيوڙا وڌندا رھيا آھن، پر عاشق شاعر ۽ عاشق ڳائڻا به اڻ ڳڻيا آھن، پاڻ شاعري ڪندڙ شاعر به گهڻا، منٿ ميڙ سان پنھنجي نالي شاعري ڪرائيندڙ، اصل شاعر جو نالو بدلائي، پنھنجي نالي سان شاعري ڳارائيندڙ، ڏوڪڙ ڏئي شاعري خريد ڪندڙ، دڙڪا دھمان ڪري شاعري لکرائي پنھنجي نالي سان ڇپرائيندڙ ۽ ڳارائيندڙ به گهڻا آھن، پر بحث انھن تي به گهٽ، اڳي جڏھن صرف ريڊيو يا فون تي ڳائڻ ٻڌبو ھو، اھو پوءِ ٽيپ رڪارڊر وسيلي ٽرڪن (لوڊنگ) ۾، پوءِ ٽريڪٽر ۾ به، ھاڻي ھر ھڪ چنگچي ۽ ھر ھڪ لوڊر ۾ به، عشق مشق جي شاعري ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ جي ھر گهٽي ۾ به پئي ٻُڌبي آھي، بي صبرا عاشق ته سر تار ھجي نه ھجي، محبوب جي اڱڻ ۾ به وڃي ڳائيندا آھن، پر موسم آھي انبن جي، ڳالھيون آھن انبن جون، ڦِڪا انب، گهٽ مٺا انب، گهڻا مٺا انب، مٺا مٺا انب، سڀ جا سڀ انب، جتي ڪٿي، ڪچھرين جو به موضوع بڻيل آھن، ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ به انب، ڪالمن ۾ به انب، ڪھاڻين ۾ به انب، ته مضمونن ۾ به انب ئي انب آھن! انبن جو ذڪر ان ڪري به اجايو سجايو ججهو ٿي رھيو آھي، ته ڪورونا ۽ ڪاري سائي، بلڊ پريشر، دل جون بيماريون، ڦڦڙن جون خرابيون به پنھنجي جاءِ تي، جيئن ”وڌي وئي عشق جي بيماري“ تيئن شگر جي بيماري به گهڻي وڌيل آھي، ان ڪري به انب، انب ۾ مٺاڻ ۽ شگر فري انبن جي ڊمانڊ به وڌيل آھي، ان ڊمانڊ کي نظر ۾ رکي، ڏوڪڙ به ڪمائجن ۽ پنھنجو نالو به ڪڍرائجي جي خواھش به وڌيل آھي، ان ڪري پڻ سڀني پڙھيل، اڻ پڙھيل، دنيا جھان کان بي خبر توڙي باخبر، سڀ جا سڀ، انب تي ئي ڳالھائين ۽ لکن ٿا. انب جيڪو ميون جو بادشاهه سڏبو آھي، ان جي ھڪ جنس سنڌڙي انب، انبن ۾، انبن جو بادشاهه انب آھي. سچي ۽ کَرِي ڳالهه، ڪَڙي حقيقت ته اھا به آھي، جو سنڌڙي انب، جيڪو ھونئن ته تمام گهڻو وڻندڙ، خوشبودار، مٺو انب آھي، پر پيسا ڪمائيندڙن جي ڪاروبار سبب سنڌڙي به شگر فري، بي سوادو، بازار ۾ مھيا آھي، ويجهڙائي ۾ جنھن به شوق مان ڏوڪڙ ڀري بازار مان سنڌڙي انب خريد ڪري کاڌو، ان ھر ھڪ کي به خبر آھي، ته تازو مير اعظم علي ٽالپر جي ھڪ گهڻ موضوعاتي ڇپيل تحرير ۾ به پڙھندڙن پڙھيو ھوندو، مير اعظم ۽ ان جي مذڪورہ تحرير جو ذڪر خير نڪتو آھي، ته ان تي مختصر راءِ ھي پڻ ته بھترين ڪالم پنھنجي جاءِ تي، پر ڪالم تي ڪالم لکڻ جھڙو به آھي. ڇاڪاڻ ته مير صاحب به کاري جون سڀ مڇيون ڪنيون ڪري ڇڏيون! زرعي مضمون کي زرعي سمجهي نه پڙھيو مير صاحب پاڻ، لکيو اٿس ته ڪنھن به زرعي ماھر انب پٽڻ جي موسم يا مناسب وقت تي ڪڏھن ڪو نه لکيو! ٻين کي ڇڏيون کڻي، آئون زراعت جو شاگرد، لاڳيتو لکندڙ به آھيان، منھنجو ڪو ھڪ نه، ھڪ کان وڌيڪ اھڙا ليک ان ساڳي اخبار ۾ به ڇپيل آھن، جنھن ۾ مير اعظم لکيو، پر مير اعظم يا اوھان پڙھندڙ به ڇو پڙھو؟ جن جو گذر سفر ئي صرف زراعت تي آھي، انھن مان به گهڻا ڪو نه پڙھن! انبن جي ڳالھين ۾ شگر فري انب جون خبرون پيون ھلن، انھن جو به پيرو کڻجي، کائجن به، ڏسجن به، سمجهجي به، لکجي به، ته پڙھندڙن کي به خبر ته پوي… ڇا واقع انبن جون شگر فري جنسون به آھن؟ انھن ۾ شگر بلڪل ڪانھي يا ايتري ٿوري مقدار ۾ آھي، جو شگر جا مريض بي خوف کائي سگهن ٿا؟ اھي جنسون خريد ڪرڻ وڃبو، ته ملنديون به اھي ئي جنسون يا جيئن سنڌڙي ٻڌائي الماس ڏيو ڇڏين، ننڍي سنڌڙي چئي نيلم ڏيو ڇڏين، موسم جو اثر ڄاڻائي انب جي جنس ”پاڏو“ ڏيو ڇڏين، ائين ته ڪو نه ٿيندو، انبن جي ٺيڪيدارن ۾ به انبن جون ڳالھيون گهڻيون پيون ٿين. گرمي، پاڻي جي کوٽ، ڪورونا، ھڪ دفعو اچي چڪيل طوفان، مستقبل قريب ۾ تيز ھوائن سان برساتن جي اڳڪٿي، اھڙا ڪي ٻيا مسئلا ۽ معاملا پنھنجي جاءِ تي، ھن سال انب ۾ ”ڏنگو“، ”مکو“ به گهڻو پيو ٻُڌجي. جيڪو اصل ۾ ميوي جي مک جو مسئلو آھي. اڳي ٿورو، اڻ لکو ھو، ھاڻ اڪثر انبن جي باغن ۾ آھي. ميوي جي مک پنھنجي جاءِ تي، ”مينگو اسٽون ويول“ نالي سڏجندڙ جيوَ، بيٺل انبڙي ۾ ڏنگ ھڻي، انب جي ڪوئلي ۾ بيضو لاھيندڙ جيت نما جيوَ جي شڪايت به وڌي آھي، جنھن ڪري متاثر انبڙي پچڻ کان اڳ ڦاٽي پوندي آھي، ڇا به آھي. انبن جون ڳالھيون گهڻيون، اڪثر سچيون. ڦِڪا، گهٽ مٺا، گهڻا مٺا، مٺا مٺا انب، سڀ انب اکين تي، پر ياد رھي ته
شگر فري انب اکين تي،
ڪينئارا انب ڪو نه کپن.