اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ن ليگ صدر شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت جي طلبي تي رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪيو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته رڪارڊ موجب هڪ ئي ڏينهن اعتراض ختم ڪري ڪيس ٻڌو ويو، شهباز شريف جو ڪيس سسٽم تحت مقرر ٿيو يا خاص طور تي؟ رجسٽرار چيو ته درخواست اعتراض لاءِ مقرر ٿي هئي ۽ فيصلو ٿيو ته اعتراض تي فيصلو درخواست سان گڏ ئي ٿيندو، جمعي تي 9:30 تي اعتراض لڳو ۽ 11:30 تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته حڪومتي وڪيل کي هدايتون وٺڻ لاءِ رڳو 30 منٽ ڏنا ويا، هڪ سال ۾ ڪيترن ڪيسن جي جمع تي 12 وڳي ٻڌڻي ٿي؟ ٻڌايو وڃي ڪيترن ڪيسن ۾ هڪ طرفو رليف ڏنو ويو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ اهو به نه پڇيو ته شهباز شريف جو نالو ڪهڙي لسٽ ۾ آهي، ڇا ائين عام حڪم جاري ڪري سگهي ٿو جيئن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيو؟ عدالت چيو ته شهباز شريف کي جنهن انداز ۾ رليف ڏنو ويو، اهو ڪنهن لاءِ مثال نٿو ٿي سگهي، فوجداري ڪيسن ۾ جوابدار جي چُرپر کي ڪيئن محدود ڪري سگهجي ٿو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت جو موقف ٻڌو ويو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اپيل ۾ عدالت تي ڪو الزام نه لڳايو ويو، عدالت وفاق جي اپيل کي 2 ٽرمز تي اڪلائي ڇڏي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو بليڪ لسٽ مان نالو ڪڍڻ جو فيصلو مثال نه ٿي وڃي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي ۽ شهباز شريف جي وڪيل به عدالت کي توهين عدالت جي پيروي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
135