223

وفاقي وزير تعليم شفقت محمود ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن وقت هو مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويو آهي، شفقت محمود سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾  ڪورونا وائرس مان مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، شفقت محمود ٽوئٽ ۾ چيو ته منهنجون ڪورونا جون آخري ٻئي ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن، هاڻ آئون مڪمل طور تي صحتياب ٿي واپس موٽي رهيو آهيان، هن جو چوڻ هو ته منهنجي جلد صحتيابي ڪورونا ويڪسين سبب ممڪن ٿي، ويڪسين خطرناڪ وبا جي خلاف فائديمند آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو