لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار شان شاهد ڌيئرن سان محبت جو اظهار ڪندي انهن کي خدا جو خاص تحفو قرار ڏنو آهي، گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي اداڪار شان ڌيئرن سميت هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته دنيا ۾ سڀ کان خوبصورت رشتو پيءُ ۽ ڌيءَ جو هوندو آهي، ڌيئرون پيءُ جي دلين ۾ گهر ٺاهينديون آهن ۽ آخر تائين ان گهر ۾ رهنديون آهن، هن دعا ڪئي ته دنيا جي سمورين ڌيئرن کي خدا تعاليٰٰٰ خوشيون نصيب ڪري، شان شاهد جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي خدا طرفان ڏنل چئن ڌيئرن جو تحفو دنيا جو خوبصورت ترين تحفو آهي.
188