ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان ٽوئيٽر تي مداحن لاءِ رکيل سوالن جوابن جي سيشن ۾ دلچسپ جواب ڏنا آهن، سيشن دوران هڪ مداح شاداب کان سوال ڪيو ته توهان شادي ڪڏهن ٿا ڪيو ته جنهن تي هن چيو ته گهروارا شادي نٿا ڪرائين ڇا ڪيان، جڏهن ته هڪ مداح شاداب کي ٽوڪيندي چيو ته فيلڊنگ دوران ايتري اوور ايڪٽنگ ڇو ڪندا آهيو. جنهن جو مزيدار جواب ڏيندي شاداب چيو ته هو اوور ايڪٽنگ نه صرف ايڪٽنگ ڪندو آهي.
129