ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا مان هڪ دلچسپ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ پيراشوٽر بجلي جي تارن ۾ لٽڪندو رهيو، رپورٽ مطابق ڪيليفورنيا ۾ جهاز مان پيراشوٽ ذريعي لهندڙ همراهه بجلي جي تارن ۾ اٽڪي پيو ۽ ڪيتري ئي دير تائين لٽڪيل رهيو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي آهي، اطلاع تي ريسڪيو عملدارن وڏي جدوجهد کانپوءِ پيراشوٽر کي حفاظت سان زمين تي لاٿو.
138