111

اپوزيشن مشڪلاتن ۾آهي، پاڻ ۾به گڏ ناهن،حڪومت ڪيرائڻ جون تاريخون ڏيندڙن تي رحم اچي پيو: وزيراعظم

اسلام آباد/زيارت/راولپنڊي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن مشڪلاتن ۾آهي،پاڻ ۾به گڏ ناهن،حڪومت ڪيرائڻ جون تاريخون ڏيندڙن تي رحم اچي پيو، مخالف اڍائي سالن کان چون پيا ته ملڪ تباهه ٿي ويو، معيشت برباد ٿي وئي، هاڻي جڏهن ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون ته وري مخالف ڳالهائين پيا، ماضي جا حڪمران بادشاهه بڻيل هئا، ان جا گهر، عيدون ۽ ملڪيت پرڏيهه ۾ هيون، زيارت ريزيڊنسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي جا حڪمران بادشاهه بڻيل هئا، انهن جا گهر،عيدون ۽ ملڪيتون پرڏيهه ۾ هيون،ائين قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، اسان جي حڪومت آئي ته مخالفن ناڪامي جو گوڙ ڪيو، اڍائي سالن کان چون پيا ملڪ تباهه ٿي ويو، معيشت تباهه ٿي وئي،اهي چاهين پيا ته حڪومت ناڪام ٿي وڃي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي فڪر هو ته حڪومت معاشي بحران ۾ڪامياب ٿي وئي ته سندن سياسي دڪان بند ٿي ويندا،اسان هاڻي بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهيون،تڏهن به اهي گوڙ ڪري رهيا آهن، مون کي مخالف ڌر تي رحم اچي پيو،اهي ماڻهو حڪومت ڪيرائڻ جون تاريخون ڏيندا رهيا، مون کي ته سندن فڪر آهي ته پاڻ ۾گڏ رهندا يا نه رهندا،ايندڙ سال ترقي جي رفتار وڌندي، جنهن قوم ترقي ڪئي، ان جا ليڊر ملڪ ۾ ئي رهيا،لنڊن ۾محل خريد ڪري قوم جي ترقي نٿي ڪري سگهجي،ماضي جي حڪمرانن پنهنجون وڏيون ملڪيتون پرڏيهه ۾ٺاهيون، دهشتگردن کي بلوچستان جي امن ۽ ترقي تاراج ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان گذريل رات بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 4 ڄڻن جي شهادت ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ 4 جوانن جي شهادت ٿي،8 زخمي ٿيا،ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف ڪورس جي شريڪ ٿيلن کي خطاب ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ فوج جو دشمنن سان جڏهن به مهاڏو اٽڪيو، ان جا اهڙا نتيجا ڏيکاريا، جنهن جي ڀيٽا نٿي ڪري سگهجي. پاڪستاني فوج پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج جي پيشيوراڻي جي صلاحيت جي ڪري  ملڪي دفاع ناقابل شڪست آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو