ٺاروشاھه (ويب ڊيسڪ) ٺاروشاھ ڀرسان سهڙا مائينر مان پنج ڏينهن پراڻي ڌڙ کان ڌار ڪيل ٻار جي سسي هٿ آئي، انساني سسي لڙھندي ڏسي مقامي ماڻھن ٺاروشاھ پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد ٺاروشاھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي انساني سسي کي هيلٿ عملي جي مدد سان سهڙا مائينر مان ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاھه منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر ٻڌايو ته انساني سسي 5 ڏينهن پراڻي آھي جيڪا مسلسل پنج ڏينهن پاڻي ۾ رهڻ ڪري بلڪل ڳري چڪي آھي، جنهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي سان ئي ٿي سگهي ٿي، ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا آھن، ٻئي پاسي ايس ايڇ او ٺاروشاھ اشرف ميمڻ ٻڌايو ته مقامي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي انساني سسي شاخ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪئي، وڌيڪ جاچ هلندڙ آھي.
149