پيرجوڳوٺ (ويب ڊيسڪ) ايم سي بي بينڪ پيرڳوٺ جو ڪيشيئر جاويد احمد منگي تعلقي اسپتال مان ڪورونا کان بچاءَ واري انجيڪشن ڪرائڻ بعد گهر پهتو ته سندس طبيعت خراب ٿي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد سندس گهر اندر ڪهرام مچي ويو، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته هو صحتياب هو، ڪا به بيماري نه هئي، ڪورونا انجيڪشن ڪرائڻ بعد ئي فوت ٿيو آهي، هوڏانهن ڪورونا ويڪسين سينٽر پيرڳوٺ جي فوڪل پرسن جو چوڻ آهي، گذريل ڏينهن 70 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي آهي، ٻئي هنڌان ڪابه شڪايت ناهي آئي، ٿي سگهي ٿو اٽيڪ سبب سندس موت ٿيو هجي، وڌيڪ جاچ بعد ئي حقيقت سامهون آڻينداسين.
