فائرنگ 126

”ڪاري آهين“ تنگواڻي ويجهو هڪ وڌيڪ ناري ڪڌي رسم تحت گولين جو کاڄ بڻجي وئي

تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻي تعلقي جي شبيرآڀاد پوليس چيڪ پوسٽ ويجھو ڳوٺ طاھر آباد ۾ جوابدار صدام حسين ملڪ پنهنجي سئوٽ 19 سالن جي  نواب خاتون ڌيءُ عبدالرحمان ملڪ کي گهر اندر ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي بعد جوابدار آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتولا جو لاش تحويل ۾ وٺي تنگواڻي جي رورل ھيلٿ سينٽر آندو، جتي  ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري  لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو. جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو