117

روهڙي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

روهڙي (ويب ڊيسڪ)  روهڙي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ بشير کوسي ۾ 25 ورهين جو آصف کوسو گهر اندر گولي لڳڻ سبب قتل ٿيو، هوڏانهن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي تعلقي اسپتال ۾ مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڪم ڪار لاءِ ٻاهر هئاسين، واپس آياسين ته ڀاءُ جو رت سان لت پت لاش ڏٺو، اسان بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو، لڳي ٿو ته ڀاءُ خودڪشي ڪئي آهي، هوڏانهن دبر پوليس جو چوڻ آهي ته گولي پويان لڳل آهي، اها خودڪشي ناهي، قتل آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو