138

استادن جي ٽيسٽ ڪورونا جي صورتحال سبب رڪيل آهي:سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده جو اڳوڻي ايم پي اي مرزا خليل الله پيپلز پارٽي شامل ٿي ويو، ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران مرزا خليل الله طرفان پ پ ۾ شموليت جو اعلان، سعيد غني چيو آهي ته متحده ۾ ٻن قسمن جون ونگز آهن، هڪ دهشتگردي ۽ ٻي سياست جي ونگ آهي، متحده جي سياسي ونگ ۾ شامل ماڻهن سان ڳالهيون جاري رهنديون، ڪراچي ۾ حالتون بهتر ٿيڻ بعد ماڻهو ڌڙا ڌڙ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، بلديا ٽائون ۾ چونڊن دوران پ پ جي ڪاميابي سان ظاهر ٿيو ته عوام صوبائي حڪومت مان مطمن آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته تعليم کاتي ۾ 37 هزار استادن جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ۾ اشتهار ڏنو، لکين اُميدوارن اپلاءِ ڪيو پر ڪورونا جي صورتحال سبب ٽيسٽ رُڪيل آهي، جلد آءِ بي اي اختيارين سان ملاقات ڪري استادن جي ڀرتي جو مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو