115

ڪورونا جي پکيڙ، گهوٽڪي شهر جي وسير پاڙي ۾ اچ وڃ تي پابندي لاڳو

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وڌنڌڙ ڪيسن ۽ منتقلي جي پيش نظر گهوٽڪي شهر جي وسير پاڙي ۾ ايندڙ حڪمن تائين عام ماڻهن جي اچڻ وڃڻ تي پابندي لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي سفارش تي سنڌ ايپيڊيمڪ ايڪٽ 2014 جي سيڪشن 3 تحت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافي ۽ پکيڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ گهوٽڪي جي وسير محلي ۾ ايندڙ حڪمن تائين عام ماڻهن جي اچڻ وڃڻ تي ضابطو آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ان سلسلي ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قلم 188 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڄاڻايل محلي ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو