204

آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي تعليم کاتي ڪي پي ڪي جي ملازمن فضل مختار جي پينشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن جي دليلن کانپوءِ چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا آهن ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ آهي، ڪي پي ڪي جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي قابل ناهن،ماڻهن کي ادارن ۾ڀريو ويو آهي، توهان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺي پئي،اهو طريقو خطرناڪ آهي ته قرض وٺي پگهارون ڏجن، جڏهن ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏنا ته معيشت کي گهڻو نقصان اسمگلنگ مان ٿي پيو، انڊسٽري کي وڌائڻ لاءِ  ان کي روڪڻو پوندو، ڪي پي ڪي ۾اسمگلنگ ۾ملوث عنصرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن. جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو