اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾واپس نه اينداسين،آرڊيننس ذريعي رياستي معاملا هلائڻ افسوسناڪ آهي، وفاقي بجيٽ جي مخالفت ڪبي، چونڊ سڌارن جي معاملي کي اڳ به خورشيد شاهه ڏسي رهيو هو، آزادي کانپوءِ چونڊ سڌارن جي حوالي سان پيپلزپارٽي پاران معاملن کي ڏسندو، رپورٽ موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، نويد قمر، پلوشا خان، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب موجود هئا، اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، چونڊ سڌارن، ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، بعد ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو صحافي اسد طور جي گهر ويو، جتي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ عيادت ڪئي، جڏهن ته ساڻس يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو سان گڏ فرحت الله بابر، فيصل ڪريم ڪنڊي، ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ نظير ڊوڪي موجود هئا، مشاورتي اجلاس توڙي صحافي جي عيادت کانپوءِ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ڊي ايم ڪچهري لاءِ نه ٺاهي هئي،پيپلزپارٽي جي عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، واپسي جي خواهش جو اظهار ڪڏهن ناهي ڪيو،ڇو واپس وڃڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي؟ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ کي هيٺانهون رکي آرڊيننس ذريعي رياستي معاملا هلائڻ افسوسناڪ آهي،پيپلزپارٽي عوام دشمن وفاقي بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري جي شديد مخالفت ڪندي، رياستي ادارن جي نجڪاري جي هر عمل جي مخالفت ڪئي ويندي،پي ٽي آءِ حڪومت کي آزاد ڪشمير ۾پنهنجي شڪست صاف نظر اچي پئي،تڏهن اجايو گوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي اظهار راءِ جي جدوجهد ۾صحافي برادري سان گڏ آهي،اختلاف راءِ تي آوازن کي ڪچلڻ جي ڪوشش جي هر عمل جي مذمت ڪريون ٿا،تشدد واقعن جي جاچ جا نتيجا ظاهر ڪيا وڃن، هوڏانهن بلاول ڀٽو سان پيپلزپارٽي جي سينيٽرن ملاقات ڪئي، تجويز ڪيل حڪومتي قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کي پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس بابت بريفنگ ڏني وئي.
117