196

سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ ناهي،غلط رپورٽنگ ڪئي وئي، درياهن جا وهڪرا وڌن پيا: ارسا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ارسا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڻي جي آمد ۾ 23500 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ پنجاب لاءِ پاڻي جي کوٽ رڳو 13 سيڪڙو رهجي وئي آهي، جيڪا گذريل ڏهاڙي 18 سيڪرو هئي، ارسا پنجاب جو حصو هڪ لک هڪ هزار ڪيوسڪ مان وڌائي هڪ لک 7 هزار ڪيوسڪ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح پنجاب کي 5 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو، سنڌ جو حصو هڪ لک 9 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ کي 6 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو آهي. ارسا چيو آهي ته سنڌ ۾پاڻي جي ڪا به کوٽ ناهي،غلط رپورٽنگ ڪئي وئي هئي، ان غلط رپورٽن جي بنياد تي تونسا ۽ گدو جي وچ ۾پاڻي جو وڏو زيان ڏسڻ ۾آيو،سنڌ کان جواب گهريو آهي، آبپاشي سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ جي ڏهاڙن ۾4 مئي کان 31 مئي جي دوران گڊو بئراج مان پاڻي ڇڏڻ بدران گڏ ڪيو، ان جو اطلاع به ارسا کي نه ڏنو ويو،28 مان رڳو 4 ڏينهن اهڙا هئا،جڏهن ارسا کي صحيح اطلاع ڏنو ويو هو، ان دوران گڊو بئراج جي پونڊ ليول 245.2 فوٽن مان وڌائي 254 فٽن تي کڻي آيا،ٻئي طرف پاڻي کوٽ گوڙ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ کان غلط رپورٽنگ ۽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي جواز گهريو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو