188

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز کي پوليس وارا اختيار ڏيڻ جو حڪم

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سهڪار نه ڪرڻ تي ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ۽ اي سي بيگاري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توهان اصل هارين کي پاڻي نٿا ڏيو، باقي توهان قبضو ڪيل زمينن کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيو، عدالت ايس ايس پي ڄامشورو کي حڪم ڏنو ته ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ايڪسيئن کي گرفتار ڪيو وڃي، عدالت ٽنڊو الهيار جي وڏيري سرفراز نظاماڻي کي پڻ گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ٽنڊو الهيار عدالت کي ٻڌايو ته وڏيري سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پر هو نه ملي سگهيو آهي، جنهن تي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي پڻ حڪم ڏنو آهي ته وڏيري سرفراز کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي، عدالت ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز کي پوليس پاران اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو