157

ڄامشوري واسين جي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪير حل ڪندو…؟؟

ليکڪ: علي مراد چانڊيو

سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي آباد هجڻ باوجود ڄامشوري شھر جا هزارين رهواسي پيئڻ جي پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن، عوام ٽينڪر مافيا جي ور چڙهيل آهي، هڪ طرف پيئڻ جي پاڻي جون اسڪيمون ڪروڙين رپين جي خرچ باوجود اڻ مڪمل ۽ بي فائده بڻيل آهن ته ٻئي طرف ٽينڪر مافيا ڪراچي واهه مان مختلف هنڌن تي لڳايل لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ڪري غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهي آهي. 1980ع ۾ 500 گهرن تي ٻڌل ڄامشوري شهر لاءِ واٽر سپلاءِ جو تلاءُ تيار ڪيو ويو هو، جيئن جيئن ڄامشوري جي آبادي وڌندي وئي ته پاڻي جي گهرج کي ڏسندي 2004ع ۾ پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو تلاءُ جوڙيو ويو، جڏهن ته 2007ع ۾ وري عوام کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ لائينون پڻ وڇايون ويون، جيڪي هڪ هفتي اندر ئي ڦاٽڻ شروع ٿي ويون، جن جي هن وقت تائين ڪابه مرمت نه ٿي سگهي آهي، لائينون ڦاٽڻ سبب پيئڻ جي پاڻي سان گٽرن جو گند به گهرن تائين پهچڻ شروع ٿيو ۽ اهو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي، هن وقت رڳو ڄامشوري شهر جي آبادي هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن کي ان ئي واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي جي رسائي ٿيڻ گهرجي، پر لائينون پراڻيون هجڻ، نيون لائينون نه لڳڻ ۽ بهتر رٿابندي نه ٿيڻ سبب غريب آباد ڪالوني، سينڊوز روڊ، شاداب نگر، ڀرياوليج، سيوهاڻي پاڙي، سنڌڙي ٽائون، بسم الله ٽائون ۽ سيد پاڙي سميت شهر جي اڪثرن علائقن جا رهواسي پاڻي جي بنيادي سهولت کان محروم آهن ۽ ٽينڪرن ذريعي مهانگي اگهه تي پاڻي خريدڻ تي مجبور آهن، پاڻي نه پهچڻ جو سبب اهو به ڄاڻايو پيو وڃي ته اڳ 500 گهرن جي آبادي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ 4 موٽر رکيل هئا، جن مان هن وقت 2 بچيا آهن، پاڻي نه پهچڻ وارين شڪايتن کي نظر ۾ رکندي 2014ع ۾ ان وقت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر شوري نئين واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ پوڻا 2 ڪروڙ رپيا جاري ڪرايا هئا، جاري ڪيل پوڻن ٻن ڪروڙن مان مشين رکڻ لاءِ هڪ ڪمرو ۽ هڪ تلاءُ تيار ڪري ڪاغذن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم کي مڪمل ڄاڻايو ويو، جڏهن ته حقيقت ۾ پاڻي جي تلاءُ لاءِ تيار ڪيل ٽانڪي ۾ پلستر به نه ڪرايو ويو، جنهن ۾ هن وقت زمين مان سيوريج جو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي ۽ تلاءُ هنڌان هنڌان ڀُرڻ شروع ٿي ويو آهي، واٽر سپلاءِ جي پراڻي تلاءُ جي چوديواري 2010ع ۾ تباهه ٿي وئي هئي، جنهن جي هن وقت تائين مرمت ناهي ڪرائي وئي، جنهنڪري تلاءَ تي موالين توڙي جوارين پنهنجا آستانا جوڙي ورتا آهن، تلاءُ کليل هجڻ ڪري رولو جانور به اتان پاڻي پيئن ٿا، جڏهن ته ڀرپاسي جا ٻارڙا ان پيئڻ جي پاڻي واري تلاءَ ۾ وهنجن پڻ ٿا ۽ عورتون اتي اچي ڪپڙا به ڌوئين ٿيون، جن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي، ڄاڻايل واٽر سپلاءِ اسڪيم 3 سال اڳ پبلڪ هيلٿ حوالي ڪئي وئي هئي، جنهن پڻ واٽر سپلاءِ جي بهتري لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، واٽر سپلاءِ تي رکيل مشينون پراڻيون هجڻ ڪري خراب ٿيڻ روز  جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته مشين وارو ڪمرو پڻ هنڌان هنڌان اکڙيل آهي ۽ ڪمري جي ڇت جا چاپڙ روز جي بنياد تي ڪرن ٿا ۽ ڄاڻايل ڪمرو ڪنهن وقت به ڊهي پٽ پئجي سگهي ٿو. هن تلاءَ تي پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 2 ڪانٽريڪٽي ملازم ڀرتي ڪيا ويا، جيڪي پڻ وقت سر پگهار نه ملڻ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ 7 ٻيا ملازم به ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻي جي ڪنيڪشن جي ملندڙ رڪوري مان پگهار کڻن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي واهه ۾ پاڻي جي سطح هيٺ ٿي ويندي آهي ته نالي ماتر جن گهرن تائين پاڻي پهچندو آهي اهو به مهينن جا مهينا بند ٿي ويندو آهي، رهواسين جي احتجاجن باوجود هن اهم معاملي طرف ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ويو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 1980ع ۾ ٺهرايل تلاءَ جي مرمت ڪرائي نئين جوڙيل تلاءَ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، جڏهن ته پاڻي پهچائڻ لاءِ لڳايل پراڻين لائينن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ جتي جتي پاڻي جي پهچ ناهي اتي پاڻي پهچائڻ لاءِ نيون لائينون وڇايون وڃن، واٽر سپلاءِ کي حفاظتي چوديواري ڏياري وڃي ته جيئن اتي منشيات ۽ جوا جو ڪڌو ڪاروبار بند ٿي سگهي، سالن کان پڪو ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺل واٽر سپلاءِ جي ملازمن کي پڪو ڪري کين پگهارون جاري ڪيون وڃن ته جيئن هو پنهنجو گذر سفر بهتر نموني سان ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو