ليکڪ: علي محمد ميمڻ
دلچسپ ڳالهه آهي ته، پي ڊي ايم ۾ شينهن جي ڇاپي واري جماعت مسلم ليگ نواز ۽ اتحاد جي امام مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت جي يو آءِ پڻ پنهنجي پراڻي ۽ سڀ کان وڏي تحريڪي موقف، پارليامينٽ تان استعيفائون ڏيڻ ۽ لانگ مارچ ڪري ملڪ کي لوڏي ڇڏڻ ۽ حڪومت کي وڌيڪ هڪ مهينو به برداشت نه ڪرڻ ۽ هڪ هڪاڻي ڪرڻ وارن ڪيل اڳوڻن فيصلن ۽ آر يا پار واري ڪيل للڪار تان يوٽرن وارو رستو اختيار ڪري پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن. مزيدار ڳالهه ته اها ٿي وئي آهي ته حڪومت خلاف جنهن برفاني گليشئر طرفان آر يا پار واري موتمار سياست جو پايو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي اها برف تيزي سان ڳري پاڻي ٿي ائين سنڌو درياهه ۾ وهي چڪي آهي جو اصل منظر عام تي هن وقت ان برف جي جبل جو ڪو وجود ئي نه بچيو آهي، پي ڊي ايم طرفان پنهنجي تازي ڪيل سربراهي اجلاس ۽ انهن جي فيصلن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ته سمورا پهلوان وڏي ملاکڙي ۽ لانگ مارچ لاءِ ٻڌل سندرا غير مشروط طور کولي چڪا آهن ۽ انهن جوڌن طرفان هاڻي اهو اعلان پڙهي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جو احتجاجي تحريڪن ۽ استعيفائن جي ذريعي خاتمو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي ۽ صرف منهن لڪائڻ لاءِ ٽن مهينن ۾ ٽي مظاهرا ڪيا ويندا. واهه سائين واهه ! اهڙي ريت، ملڪ جي سياسي صورتحال هاڻي بلڪل واضح ۽ چٽي ٿي وئي آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل مسلم ليگ نواز ، جي يو آءِ ۽ باقي جماعتن طرفان آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ سندس پي ٽي آءِ سرڪار خلاف بي اعتمادي واري رٿ نه آندي ويندي ۽ حڪومت خلاف ڪا به تحريڪ نه هلائي ويندي، پي ڊي ايم جي تازي ٿيل سربراهي اجلاس جي اعلان ڪيل فيصلن ۾حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪرڻ يا اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ وارن اڳوڻن ڪيل اعلانن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪرڻ بعد ڪيل تازن اعلانن موجب ٻن ٽن مهينن ۾ ٽي احتجاجي مظاهرا سوات، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ڪيا ويندا، انهن فيصلن جو اهو مقصد پڻ ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم تمام ڪمزور پوزيشن ۾ هلي وئي آهي ۽ هو لڳاتار احتجاج، جلسا ۽ لانگ مارچ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به نه رهي آهي ۽ نه ئي پي ڊي ايم جون جماعتون هاڻي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار آهن، مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد جي ان نئين صورتحال ۽ بيهڪ مان اهو صاف طور تي واضح ٿي ويو آهي ته هاڻي هن حڪومت کي پنهنجو پنجن سالن وارو مدو پورو ڪري رٽائر ٿيڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان واري”خاص حڪومت“ جنهن به مقصدن ۽ ڪمن لاءِ اقتدار ۾ آئي يا آندي وئي، اها حڪومت انهن مقصدن ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي سگهي آهي يا حڪومت ملڪ جي عوام ۽ ووٽرن وٽ پنهنجي ساک ۽ مقبوليت ڪيتري بهتر بڻائي آهي يا پنهنجا حال وڃايا آهن ان جو اندازو ننڍين چونڊن ۾ آيل نتيجن مان ضرور ڪري سگهجي ٿو، حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي ۽ عوام تي پيدا ٿيل ردعمل جا عڪس سينيٽ ۽ ملڪ جي چئني صوبن ۾ٿيندڙ تازين ننڍين چونڊن جي نتيجن مان ظاهر ٿي ويا آهن ۽ پڌرو ٿي ويو آهي ته هي عمارت تمام گهڻو زبون حالي جو شڪار آهي ۽ سندس بنيادن کان وٺي آخري ماڙ تائين ڏار ايترا ته گهرا ۽ وڏا پئجي چڪا آهن جن کي ڪنهن پلستر يا رنگ روغن ڪرڻ سان ڪنهن به صورت ۾ بحال يا مضبوط نه ٿو ڪري سگهجي، حڪومت واري زبون حال عمارت جي حالت سياسي لحاظ کان پڻ ايتري ئي خوفناڪ آهي جو ان جي ويجهو بيٺل ڌريون پڻ عمارت يا ان جي ديوارن جي مٿان اچي ڪرڻ واري خوف ۾ مبتلا آهن، ان سموري صورتحال جي باوجود وزيراعظم هائوس جي ڪنٽرول روم ۾ ويٺل رانديگر خوش، مطمئن ۽ پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا آهن، يقينن سندن خوشي ۽ اطمينان ان ڪري به درست آهي جو ڪجهه رانديگرن ۽ پهلوانن جي رٽائرمينٽ بعد لاٽري لڳي وئي ۽ مفت ۾ حڪومت انعام ۾ هٿ اچي وئي، هاڻي سندن حڪومت ڪا ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه پر سندن بئنڪ بيلنس ته ايترا ڀرجي چڪا آهن جو انهن جا ڪيترائي نسل، مٽ مائٽ، دوست يار ۽ پاڙيسري پڻ مستيون ڪندي گذاريندا، باقي رهيو معاملو ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو ته جيڪي هتي رهندا اهو انهن جو ئي معاملو ۽ مٿي جو سور هوندو، تنهن ۾ سندن ڇا وڃي! هن حڪومت جي گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ تي ڇا وهيو واپريو ۽ باقي بچيل ٻن سالن ۾ ڪهڙا طوفان اچڻا آهن ۽ ڪيتريون کنوڻيون ڪرڻيون آهن، يقينن، اهي به ضرور ڪرنديون. حڪمران ڌر ۽ رانديگرن جي”چئو ياري“ طرفان ملڪ جي حڪمراني پنهنجي هٿن ۾ رکي ٻيا جيڪي مقصد به حاصل ڪيا ويا هجن پر انهن سمورن ڪمن سميت هڪ اهو مقصد پڻ اڀري سامهون اچي ويو ته، پهلوانن واري ڌر طرفان عوام ۾ مقبول سياسي جماعتن کي ملڪ جي اقتدار ۽ اختيارن واري مرڪز مان ٻاهر ڌڪي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي ماڻهو کي ڪرسي تي آڻي ويهارڻ ۾ضرور ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت، ملڪ کي رٽائرڊ رانديگرن جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تبديل ڪرڻ سان هن وقت سموري ملڪ ۾ ٻيا سموار ڪم ڪار ته بند آهن پر ڇڪا ۽ چوڪا باقائدگي سان لڳي رهيا آهن ۽ ڪپتان بيٽنگ دوران بالرن جي هر اوور ۾ ٻه ٻه ڀيرا آئوٽ ٿيڻ جي باوجود وڪيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي، بيشڪ اسان جي ملڪ ۾ سياست جي راهه هميشه ڏکي ۽ آزمائشن واري رهي آهي ۽ اهو ڪم گهڻو جوکم وارو رهيو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ هر دور ۾ سياسي ۽ نظرياتي جماعتن ۽ عوام جي حڪمراني ۽ مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڌرين لاءِ هر دور وڌيڪ آزمائشن ۽ امتحانن وارو رهيو آهي. هن ملڪ جي اها تاريخ آهي ته هتي ڪيتريون ئي چونڊيل حڪومتون غير آئيني طور هٽايون ويون ۽ هر دور ۾ڪيترا ئي سرڪاري بت آڻي سياست جا ديو ۽ ديوتا بڻايا ويندا رهيا ۽ انهن سرڪار بتن کي ملڪ تي ننڍن ۽ وڏن شينهن جون کلون پارائي يا رانديگرن جي روپ ۾ آڻي مڙهيو ويندو رهيو آهي، ملڪ کي لاٽري ۾ يا انعام طور انهن ڪاغذي شينهن ۽ رٽائر رانديگرن حوالي ڪرڻ وارا سانحا ۽ حادثا لڳاتار ٿي رهيا آهن، جنهن جا نتيجا سمورو ملڪ، عوام ۽ انهن جا نسل لڳاتار ڀوڳي رهيا آهن، ملڪ ۾ هر ڀيري جمهوري سرشتو بحال ڪرڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلنديون رهيون آهن ۽ هزارين شخصيتن جون قربانيون ڪم اينديون رهيون آهن، جنرل پرويز مشرف واري ڪهري دور جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ وري جمهوريت بحال ڪرڻ وارو ڪارنامو شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي لازوال قرباني ۽ جمهوريت جي هزارين پروانن جي قربانين جو حاصل ئي آهي جو ملڪ ۾ آئيني ۽ پارلياماني سرشتو بحال ٿيو، اڄ جيڪا نالي ماتر يا ڪمزور جمهوريت موجود آهي ۽گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٽن سول حڪومتن جي صورت ۾لڳاتار جاري آهي اها شهيدن جي سر جو صدقو ئي آهي، هن وقت سموريون عدالتون پنهنجي ڀرپور طاقت سان ڪم ڪري رهيون آهن ۽ عوام جون جمهوري آزاديون سلامت آهن ته اها ڪاميابي ڪا گهٽ حاصلات ۽ سوڀ نه آهي. ملڪ ۾ جمهوري سرشتي جي بقاءَ ۽ سلامتي واري جدوجهد جو اهو سلسلو يقينن جاري آهي، هاڻوڪي دور ۾ ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي پنهنجو جمهوري فرض ادا ڪرڻ تي سزائون ڏيڻ ۽ انهن جي سرڪاري شينهن ۽ انهن جي محافظن وارن حملن ۾ زخمي ٿيڻ ۽ نقصان برداشت ڪرڻ واري ڪردار کي هن دور ۾ جمهوري سرشتي جي سلامتي لاءِ پيش ڪيل سندن قربانين جي حيثيت ۾ڏٺو پيو وڃي، جيڪي پنهنجن جي هٿان گهايل ٿيڻ بعد وري جمهوري ۽ ترقي پسند اتحاد جوڙڻ جي صورت ۾ پنهنجيون نيون صف بنديون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.