ليکڪ: سڪندر بوزدار
اسان جي معاشري ۾ غريب مسڪين بي سهارا ۽ لاوارث بڻيل ماڻهن جو آواز ۽ سهارو صحافي بڻجندا آهن ۽ حق سچ لکي مسڪين ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن صحافي حق سچ جو آواز بلند ڪري غريبن جي ڪوڪ اعليٰ ايوانن تائين پهچائين ٿا ته علائقي جو پير، مير ۽ سردار مڇرجي پئي ٿو ۽ صحافين جي قلم جي نوڪ کي ڪچلڻ جي پلاننگ شروع ڪري ڇڏي ٿو، سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي، سوين قلم ڪار حق ۽ سچ جو جهنڊو بلند ڪندي جاگيردان ۽ سرمائيدارن جي ڏاڍ جبر جو نشانو بڻيا آهن، صحافين جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه هوندي آهي، اڪثر قلم ڌڻي حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ جي ڪري تاريڪ راهن ۾ ماريا ويا آهن، قلم جي شهيدن جي ته ڊگهي لسٽ آهي، عزيز ميمڻ کان اجي لالواڻي تائين صحافين کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، صحافي پنهنجي قلم جي نوڪ جي حرمت کي برقرار رکندي معاشري جي هر رخ کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ ڪڏهن آفيسر شاهي جي ڪاوڙ کي منهن ڏئي ٿو ته ڪڏهن وري پوليس گردي جو شڪار ٿيندي جسماني تشدد کان وٺي دهشتگردي جي ڪيسن کي منهن ڏئي ٿو، جيئن ڪجهه مهينا اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي جي ناحق خون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جي ڌرڻي جي ڪوريج لاءِ ويل سکر جي صحافين مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، سردي گرمي ۾ صحافي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پيرن ڀر بيٺل هوندا آهن، صحافتي ذميواريون پوريون ڪندي پوليس ۽ بااثر سردارن جي ڪنهن ڪڌي ڪم جي نشاندهي ڪو صحافي ڪري ته پوءِ ان لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وڃي ٿي ۽ هر طرح سان هيسائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ قتل جون ڌمڪيون پڻ شامل هونديون آهن، سال اڳ منشيات فروشن جي نشاندهي ڪرڻ تي دوداپور جي دودي صحافي ذوالفقار مندراڻي کي ڪارنهن جي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو، منشيات فروشن ۽ ڀوتارن جي ذهنيت هڪ جهڙي هجي ٿي، جڏهن انهن جي بري ڪم جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي ته صحافين کي هيسائڻ لاءِ جڏهن ٻيو ڪو حربو نٿو هلين ته پنهنجي ڪنهن ڇاڙتي هٿان صحافين مٿان ڪوڙا ڪارنهن جا الزام هڻائي هيسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. ٽي مهينا اڳ صالح پٽ جي صحافي کي به هيسائڻ جي ناڪام ڪوششون ڪندي آخر ڪانئر ماڻهن بزدلاڻو قدم کڻي گوليون هڻائي شهيد ڪري ڇڏيو، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن به صحافين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، بس ڪو به واقعو ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪلبن آڏو بتيون کڻي هڪ اڌ مظاهرو ڪري وري اهو وساري ڇڏين ٿا ته ڪو واقعو به ٿيو هو، يا ڪو قلم ڌڻي قتل ٿيو هو ۽ ان مقتول صحافي جي ڪا فيملي به هوندي آهي، ڪڏهن ڪنهن اڳواڻ اڳڀرو ٿي ڪنهن بيمار يا ظلم جو شڪار ٿيل صحافي جي ڪا مدد ڪئي آهي؟ جڏهن ته پنهنجا ذاتي مفاد ماڻڻ لاءِ صحافين جون قطارون لڳرائي طاقت جو مظاهرو ڪري حڪومت کان مراعتون وٺن ٿا، ٽي ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي ۽ پوليس آمهون سامهون ٿيا، جنهن ۾ پوليس صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو هو ۽ صحافين مٿان تشدد جو حڪم ڏيندڙ ايس ايڇ او خالد ميمڻ کي سزا طور رورٽ ۽ معطل ڪري آءِ جي آفيس ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو هو، ڪٿي ڪجهه صحافين ۾ به عطائي صحافي شامل ٿي ويا آهن جيڪي هر وقت ڪنهن مسئلي ۾ الجهيل رهن ٿا ۽ لالچ ۾ غلط ماڻهن جون غلط ونگارون به وهن ٿا. صحافي تنظيمن جي سنجيده نه ٿيڻ تائين صحافت تي وار ٿيندا رھندا، دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي ميڊيا آزاد آھي، جنھن ڪري اھي ملڪ ڏينھون ڏينھن ترقيءَ جون نيون منزل طئي ڪندا رھن ٿا پر اسان وٽ لاقانونيت سبب ھر ڪم ان جي ابتڙ ھلي رھيو آھي، اسان جا صحافي تقريبن دٻاءُ ھيٺ آھن، سنڌي ميڊيا انھن مسئلن جو وڌيڪ شڪار رھي ٿي، جيڪڏهن ڪو وزير، صلاحڪار يا منسٽر وغيره ڪنھن علائقي ڏانهن ويندو آهي ته ان علائقي جا صحافي ڪوريج لاءِ اُڀي پيرين بيٺل نظر ايندا آھن، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اھي صحافي جيڪي ھر اداري، ھر ماڻهو، امير، غريب، سياسي ۽ غير سياسي ماڻهوءَ کي ھڪ جيتري اھميت به ڏين ۽ انھن تي وار ٿين ته صحافي ڪيڏانهن وڃن؟ سنڌ جي مختلف شھرن مان روز ڪنھن نه ڪنھن صحافي تي تشدد جون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون، ھر شھريءَ کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آھي ته پوءِ صحافين کي تحفظ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ انھن کي ملندڙ ڌمڪين جو نوٽيس ڇو نٿو ورتو وڃي؟ جڏهن کان سنڌي ميڊيا وجود ۾ آئي آھي تڏهن کان گهڻ رخي دٻاءُ جو شڪار رھي آھي، ميڊيا سماج جو آئينو آھي، معاشري ۾ ٿيندڙ ھر ظلم جي عڪس کي ميڊيا اقتداري ايوانن تائين پھچائي ٿي، هاڻي هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌ جي مقتول صحافين جا قاتل ڪٽهڙي ۾ بيهاري کين سخت سزائون ڏياريون وڃن ۽ خوف جو شڪار صحافين کي فوري طور تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن صحافي بي خوف ٿي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري سگهن.