177

سائين جي ايم سيد هن مٿان ”صنعان“ نالي جي چونڊ ڇو ڪئي…؟؟

ليکڪ: ديدار شام

تاريخ پنهنجو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن روپ، شڪل ۽ ڪردار ۾ ورجاءُ ڪندي رهندي آهي، سنڌ جي تاريخ جي پهرئين سورمي مها راجا ڏاهر ۽ سائين جي ايم سيد کان وٺي سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي تائين جي دور جو جائزو وٺندا سين ته سنڌ ۾ ڪيترائي انمول هيرا ۽ ڪردار سنڌ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾  سرگرم ۽ وڙهندي نظر ايندا، ويجهي ماضي ۾ سنڌ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ تاريخ جو تسلسل بڻيل نمايان ڪردارن جو جائزو وٺنداسين ته سائين جي ايم سيد جي فڪري پرچارڪ ۽ سنڌ جي ارڏي ڪردار شهيد بشير خان قريشي جو ڪردار نمايان نظر ايندو، جنهن سنڌ جي تخت گاھه، سنڌين جي انٽرنيشنل شهر ڪراچي ۾ 23 مارچ 2012ع تي لکين سنڌين جو مارچ ڪري پاڻ کي تاريخ ۾ مٿانهون ڪري ڇڏيو، جنهن تي سنڌ دشمن ڌرين مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ سازش تحت کيس زهر جو پيالو ڏئي شهادت جو جام پياري ڇڏيو، پر سندس ڇڏيل پنڌ ۽ جهنڊي کي وڏي تيزي سان وري سندس پٽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي سنڀالي ورتو آهي، هن سندس پنڌ کي بيهڻ ۽ سندس هٿ جي جهنڊي کي ڪرڻ نه ڏنو، هن 2014ع ۾ ساڳي تاريخ 23 مارچ تي ساڳي شهر ساڳي هنڌ تبت سينٽر شاهراھه فيصل تي لکين سنڌين جو مارچ ڪري پنهنجي والد جي نسبت سان تاريخ جي تسلسل کي برقرار رکي سنڌ جي آجپي جو پرچم هٿ ۾ کڻي اُتان ئي سفر شروع ڪيو آهي، وقت جي حڪمرانن هن کي ڊيڄارڻ لاءِ 23 مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ 21 مارچ تي سندس چاچي مقصود خان قريشي ۽ نوجوان ساٿي سلمان وڌو جو سڙيل لاش ڏنو پر هي دم گهڙي لاءِ به نه ڌمڪيو، پنهنجي شهيد والد بشير خان قريشي جيان پنهنجي چاچي شهيد مقصود قريشي ۽ نوجوان ساٿي شهيد سلمان وڌو جي سڙيل رک جي جسمن کي 32 مارچ ۾ شامل ڪري لکين، ڪڙورين ماڻهن جو مارچ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، هي دشمن ۽  پنهنجن جي ڪيترن ئي سازشن جو شڪار به ٿيندو رهيو آهي پر هي سمورين سازشن جو مقابلو ڪري پنهنجي شهيد والد جي اختيار ڪيل رستي تي قائم ۽ دائم آهي، هن تي پنهنجن پاران موروثيت جا حملا ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ جو سماج انمول پيءُ جي رستي ۽ ڪردار تي سندس پونئيرن کي هلندي پسند ڪندو آهي، جنهن لاءِ سنڌي سماج ۾ هي چوڻيون به مشهور آهن ته ”شينهن جو پٽ شينهن ئي ٿيندو آهي“ يا جيڪو پنهنجي پيءُ جي نقشي قدم تي ناهي هلندو ته ان لاءِ چيو ويندو آهي ته ”انبن جون سڪون انبڙيون نٿيون لاهي سگهن“ ۽ ان جهڙيون ٻيون ڪيتريون چوڻيون مشهور آهن، هي پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلي رهيو آهي، تنهن ڪري اهي حملا بي اثر ٿي ٿا وڃن، هن تي تقرير نه اچڻ جا به حملا ڪيا ويا، جڏهن ته تقرير هڪ فن آهي جيڪو ڪڏهن به ماڻهو سکي وٺندو يا جدوجهد جي سفر ۾ هلندي هلندي ماڻهو وڏو مقرر ۽ تقرير باز ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري اهو مسئلو ناهي، اصل مسئلو آهي پنهنجي رستي تي هلڻ، نقطئه نظر ۽ نظريات تي استقامت سان بيهڻ جو، جنهن تي هي سمورين سازشن کي منهن ڏئي بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، هي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ پنهنجي شهيد والد جي اختيار ڪيل طريقي مطابق سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نڪري پيو، هن وٽ سنڌ جو خاص پيغام ۽ شهيد والد جي نسبت هجڻ ڪري سنڌ جا لکين ماڻهو هن سان محبت ۽ پيار ڪن ٿا، هن جي قافلي ۾ شامل ڪيترائي ليڊر، مدبر، اديب، دانشور، اڳواڻ، ماڻهن جي پيهھ ۽ لتڙ ۾ اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو هر ماڻهو هن سان ملڻ جي ڊوڙ ۽ خواهش رکي ٿو، هن سان ماڻهن جي محبت ۽ ملڻ وارو انداز ۽ منظر ساڳيو شهيد بشير خان قريشي وارو آهي،  هن جي شخصيت ۾ ڪاميابي جو سبب اهو به آهي ته هن مٿان نالو سائين جي ايم سيد رکيو هو، جڏهن ته صنعان اسم خاص آهي، ولي ڪامل جو صوفي عالم جو خبر ناهي ته سائين جي ايم سيد ڪهڙي دور انديشيءَ، اُميد يا خاص مقصد سان پنهنجي خاص عاشق شهيد بشير خان قريشي جي پهرئين پٽ مٿان صنعان جو نالو رکيو هو، ڇاڪاڻ جو سائين جي ايم سيد جي چونڊ اجائي نٿي ٿي سگهي، ضرور ڪا نه ڪا خاصيت ۽ خاص مقصد واري ڳالهھ هوندي، تنهن ڪري صنعان خان قريشي ويجهي تاريخ ۾ سنڌ جو متفقه ليڊر ٿي سنڌ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ اهم ڪردار ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هي شهيد بشير خان قريشي جو رت آهي ۽ ٻيو ته سندس مٿان سائين جي ايم سيد جو خاص نالو رکيل آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ضرور اُٿل پٿل جو سبب بڻبو. سنڌ جي ”صنعان“ جي 28 سالگرھه جون سڄي سنڌ کي مبارڪون هجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو