91

مهانگائي جي وڌندڙ شرح ۽ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ…!!

ايڊيٽوريل

وفاقي شماريات کاتي پنهنجي تازي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 8.83 سيڪڙو رهي آهي، کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته 9 مهينن ۾ شهرن ۾ اها شرح 8 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ 10.6 سيڪڙو رهي، ان دوران عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان عرصي دوران کاڌي پيتي جي 13 شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 5 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي، شماريات کاتي مطابق گذريل سال جي مقابلي ۾ مهانگائي جي شرح 10.87 سيڪڙو رهي، ميڊيا تي هلندڙ هڪ ٻي خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي ناڻي مٽاسٽا واري مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 13 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جنهن کانپوءِ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جو اگهه 154.53 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 20 پئسا مهانگو ٿي 155.30 رپين جو ٿي ويو آهي. هڪ طرف حڪومت اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ملڪ ۾ هاڻ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي، اسان جي معيشت سڌري وئي آهي، ڏکيا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ملڪ ترقي جي نين منزلن تائين پهچڻ وارو آهي، ٻئي طرف ڊالر جي اگهه ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ۽ رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪجهه ٻي حالت ڏسي رهي آهي، جڏهن ته مهانگائي مسلسل ٽن سالن کان گهٽ ٿيڻ جو نالو به نٿي وٺي، هاڻ ته حڪومتي وزير به سرعام مهانگائي جو اعتراف ڪن ٿا پر ان کي لڪائڻ لاءِ اهو چئي ڇڏين ٿا ته مهانگائي ته وڌي آهي پر ماڻهن جي قوت خريد به وڌي آهي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومت جي معيشت جي بهتري وارين دعوائن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت معيشت جي بدتري وارن انگن اکرن کي بهتر ڄاڻائي عوام کي دوکو ڏئي رهي آهي، هن سوال اٿاريو آهي ته جتي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا هجن، اتي جي معيشت ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي؟ اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي ته ڪڏهن به ان کي حقيقي انگ اکر يا ڄاڻ مهيا ناهي ڪئي وئي، هن وقت جڏهن سڄي دنيا ڪورونا جي لپيٽ ۾ آهي ۽ دنيا جون معيشتون ڪري تباهه ٿي ويون آهن، ان وقت پاڪستان جهڙي ملڪ جي معيشت جي حوالي سان پيش ٿيندڙ انگ اکر يقينن جادو لڳن ٿا، جڏهن ملڪ ۾ رڳو امپورٽ وڌندڙ هجي ۽ ايڪسپورٽ گهٽجندي وڃي اتي معيشت جا سڌارا ڪيئن ممڪن هوندا؟ جنهن ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٽن سالن اندر ڪنٽرول نه ٿئي، رپئي جو اگهه مسلسل ڪرندو وڃي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا اگهه وڌندا وڃن اتي اسان ڪيئن ٿا چئي سگهون ته اسان جي معيشت سڌري وئي آهي. هڪ طرف معيشت ۽ مهانگائي جا اهي حال آهن ته ٻئي طرف حڪومت صحافت مٿان پابندين جا نوان بل آڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد عوام تائين پهچندڙ ٿوري ٿڪي ڄاڻ به روڪڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انهن سمورن حربن سان ملڪن کي هلائي نٿو سگهجي، ملڪ هلائڻ لاءِ حقيقت پسند ٿيڻو پوندو، ماڻهن کي مڪمل سچ ٻڌائڻو پوندو، انگن اکرن جي هيرا ڦيري بدران اصل حقيقتن بابت ڄاڻ ڏيڻي پوندي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نج سائنسي بنيادن تي تيزي سان ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن اسان هن ڌٻڻ مان نڪري سگهون، حڪومتن وٽ يقيني طور تي مسئلن جي حل لاءِ پلان هوندا آهن، ان ڪري انهن منصوبن تي عملي طور ڪم ڪري عوام کي رليف ڏئي ملڪ مان بحران ختم ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو