100

ملڪي تاريخ جي ناڪام ترين بجيٽ پيش ڪندڙ تحريڪ انصاف حڪومت جا معاشي ڏوهه ڪڏهن به معاف نه ڪيا ويندا: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بجيٽ 2021 ۾ گهٽ آمدني وارو طبقو عمران خان جي نشاني تي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت گهٽ پگهار کڻندڙن مٿان معاشي وزن وجهڻ چاهي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري  پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي معاشي طور تي چيڀاٽڻ جي سازش کي ناڪام بنائيندي، ملڪ ۾  مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، پگهاردار طبقي کي ٽيڪسن ۾ گهيريو ويو آهي ڇا ان کان به وڏو ڪو ظلم هوندو، انگن اکرن ۾ ڦير ڦار ڪري عمران خان پنهنجي مداحن کان ته واهه واهه ڪرائي سگهي ٿو پر عوام وزيراعظم جي معاشي خوشحالي جي ڪوڙي دلاسي ۾ نه ايندي، ملڪي تاريخ جي ناڪام ترين بجيٽ پيش ڪندڙ تحريڪ انصاف حڪومت جا معاشي ڏوهه ڪڏهن به معاف نه ڪيا ويندا، عمران خان غريبن کان ٽيڪس وصول ڪري عوام دشمني ثابت ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ معاشي تباهي کي جعلي معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو