اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڪورونا وگهي پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 80 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ هزار 800 کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت سمورا تعليمي ادارا 7 جون کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جون تاريخون تبديل ڪري هاڻ اهي امتحان 10 جولاءِ کان پوءِ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙا فيصلا تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيا ويا. ان ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو ته مڙني صوبن جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ گڏيل فيصلا ڪيا ويا، گذريل سال اسان ڪجهه ٻار امتحانن بنا پاس ڪيا پر هيل امتحان ڏيڻ بنا ڪنهن کي گريڊ نه ملندو، امتحان هر صورت ۾ ٿيندا. هن چيو ته اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي، تنهن ڪري صوبن جي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين ۽ ڏهين جا شاگرد لازمي مضمونن ۽ رياضي جا پيپر ڏيندا، باقي مضمونن جا امتحان نه ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان به لازمي مضمونن سان ورتا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته امتحان 24 جون کان ٿيندا پر هاڻ شاگردن کي امتحانن جي تياريءَ جو وقت ڏيڻ لاءِ امتحان 24 جون بدران 10 جولاءِ کان پوءِ ٿيندا، اڳ ۾ انٽر ۽ پوءِ ميٽرڪ جا امتحان ٿيندا، ان کان پوءِ ٻيا امتحان ورتا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا سبب اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي، تنهن ڪري صوبن جي مشاورت سان امتحانن جي تاريخ وڌائي مضمون گهٽ ڪيا آهن. گذريل سال ڪجهه ڪلاسن جي جي شاگردن کي امتحان وٺڻ بنا پروموٽ ڪيو هو پر هاڻي فيصلو ڪيو اٿئون ته امتحانن بنا ڪنهن به شاگرد کي ڪو به گريڊ نه ملندو . سمورا تعليمي ادارا 7 جون کان کوليا ويندا، هر پيپر ۾ ڏينهن جي مناسب وٿي رکي ويندي ته جيئن شاگرد تياري پڻ ڪري سگهن، امتحانن جا نتيجا سيپٽمبر جي ٽين هفتي ۾ اچي ويندا.
204