ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ چيف سيڪريٽري لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري سان مشاورت بنا آفيسرز بدلي نٿو ڪري سگهي، سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن سان صلاح مشورن بنا سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين ڪيئن بدلي ٿيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ ڀرتين بابت ڪارروائي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، هيڊماسترن جي ٻيهر ٽيسٽ وارو عمل 45 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ انڊوومينٽ فنڊز هڪ ارب مان وڌائي 2 ارب رُپيا ڪيا وڃن، صوبي ۾ اپگريڊ ٿيل اسڪولز جي بجيٽ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن، عدالت تعليم کاتي جي شعبن ريفارم سپورٽ يونٽ، ايم اينڊ اي ۽ اسپيشل انسينٽِوَ پروجيڪٽ جي فنڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، سمورن ڊي اِي اوز اسڪولز ۽ ڪاليجز جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو کي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا سمورا معاملا ڏسڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.
