جوھي (ويب ڊيسڪ) ڪاڇي جي مرڪزي شھر واهي پانڌي جي نيو ڪالوني ۾ سهري بصر رستماڻي ننهن سڪينه رستماڻي جا هٿ پير ٻڌي گهر ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي ناري کي آزاد ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي. ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناري چيو ته مان شادي جو سامان کڻڻ لاءِ سهري جي گهر ويس ته سهري بصر رستماڻي، وزير رستماڻي ۽ ٻين مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي هٿ پير ٻڌي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو، پاڙي وارن جي اطلاع تي پوليس پهچي آزاد ڪرايو، سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته سهري بصر رستماڻي جو چوڻ آهي ته منهنجي گهر ۾ نهن ۽ پٽ غفور رستماڻي حملو ڪيو جنهن کانپوءِ ۾ ننهن کي ٻڌي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي، پوليس پهچي ناري کي کڻي وئي آهي باقي ننهن ڊرامو ڪري رهي آهي، جڏهن ته ميڊيا تي خبرن کان پوءِ ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري قانوني ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون، جنهن بعد واهي پانڌي ٿاڻي تي متاثره عورت جي مڙس عبدالغفور رستماڻي جي فرياد تي گناھ نمبر 14/2021 قلم 354، 342، 114، 34 پي پي سي تحت متاثره عورت جي سهري بصر رستماڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ ڄاڻايل متاثره عورت جي سهري جوابدار بصر رستماڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف پاڙي وارن جو چوڻ آھي ته ساٿي بصر رستماڻي جي موڀي پٽ غفور رستماڻي سڪينه رستماڻي سان ٻي شادي رچائي آھي، جڏھن ته اڳوڻي گھرواري مان چار سالا نياڻي پڻ موجود آھي جنھن کي پيءَ پاران خرچ پکو نه ڏيڻ تي پيءَ ۽ پٽ ۾ اختلاف چوٽ چڙهيل ھئا، جنھن تي پٽ پيءَ کان ڌار ٿي ويو سندس گھر ۾ ڪجهھ سامان رھيل ھو، ان جي لاءِ غفور رستماڻي زال کي وٺي پي جي گھر پھتو جتي پي پٽ وچ ۾ جھيڙو ٿيو پٽ جھيڙي دوران فرار ٿي ويو ۽ عورت کي کٽ سان ٻڌي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس ھڪدم پھچي عورت کي آزاد ڪرايو.
114