205

مخالفن کي نيب ۾ڦاسايو وڃي ٿو،حڪومتون تبديل ٿيڻ سان رويي ۾به جهڪاءُ ايندو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي دوران غير حاضري تي فاروق ايڇ نائيڪ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت خورشيد شاهه جي ٻنهي گهروارين کي طلب ڪري ورتو، سندس پُٽ فرخ شاهه ۽ صوبائي وزير اويس قادر شاهه سوڌو ٻين جوابدارن کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت چيو آهي ته جِن جوابدارن کي ضمانت منسوخي جا نوٽيسز جاري ٿيا آهن، اُهي اڄ عدالت آڏو پيش ٿين، ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس سردار طارق چيو ته بدقسمتي سان حڪومتون تبديل ٿيڻ سان نيب جي رويي ۾ به جهڪاءُ اچي ويندو آهي، ڪيترن ئي ڪيسز ۾ نيب اپيل به داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، مخالف کي نيب ۾ ڦاسايو ويندو آهي، اسان ۽ توهان سڀ نيب جي غيرجانبداري ڄاڻون ٿا، ڌُرين کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد ضمانت درخواست تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو