اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ سان هيرا ڦيري نه ٿي سگهندي،پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ان سان آزاد ۽ شفاف چونڊون ٿينديون،اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مڃڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ٺاهي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ڏيکاري ويندي، هن چيو ته 70 لک سمنڊ پار پاڪستاني ان ذريعي ووٽ پڻ ڏئي سگهندا.
197