121

پي ايس ايل ٻيهر ڪرائي غلطين مٿان غلطيون ڪيون پيون وڃن:عارف عباسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي سربراهه عارف عباسي پي سي بي مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي سي بي پي ايس ايل ٻيهر ڪرائي غلطين مٿان غلطيون ڪيون پيون وڃن، اهو ڪهڙو طريقو آهي ته رانديگر ايئرپورٽ کان واپس پيا ٿين ۽ ٽيمن جو شيڊول بار بار تبديل پيو ٿئي، هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي جي آفيسرن ۾ ٿورو گهڻو شرم هجي ته کين استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، سرفراز کي حدف بڻايو ويو، ساڻس ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو