اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي تعاون تنظيم جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ملڪن جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي”اسلام آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته پڌرنامي ۾ هڪ طرفين اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کان متاثر اي سي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پائيڪو سيڪريٽريٽ جي لاءِ چارٽر جي آرٽيڪل 7 (اي) تحت جنرل فنڊ قائم ڪيو ويندو ته جيئن ان سيڪريٽريٽ کي مڪمل فعال ڪري سگهجي، . پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن جي پارليامينٽن ۾ اي سي او پارلياماني گروپ قائم ڪيا ويندا . ان کان اڳ اي سي او پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن، اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپار ۾ سولاين سان خطو ترقي ڪندو، افغانستان ۾ ڏڦيڙ سان پورو خطو متاثر ٿيندو، افغانستان مان اتحادي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ اتي اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا، اي سي او ملڪن کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، انهن ٻنهي خطن ۾ انصاف نه ٿيڻ سان ماڻهن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ۾ اسان طئي ڪيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوج جي واپسي کان پوءِ اقتدار جي پرامن منتقلي ۽ سياسي حل جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون ڇو ته افغانستان ۾ ڏڦيڙ سان پورو خطو متاثر ٿيندو. افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته خطي جي ملڪن جي وچ ۾ رابطي جا مسئلا پيدا ٿيندا. اي سي او ملڪن کي افغانستان ۾ امن ۽ اقتدار جي پرامن منتقلي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ 1989ع جهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي جڏهن سوويت يونين جي فوج افغانستان مان واپس وئي ته اتي جيڪا صورتحال پيدا ٿي. عمران خان چيو ته اي سي او ملڪن جي خطي جي ڪل آبادي اٽڪل 45 ڪروڙ آهي اها هڪ وڏي آبادي آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ان آبادي کي گڏ ڪري وٺون، واپار وڌايون ۽ مسئلا حل ڪريون ته هي خطو مڪمل پاور هائوس ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته خطي جي مختلف ملڪن ۾ مختلف وسيلا آهن، جيڪڏهن اسان گڏجي ڪوشش ڪريون ته ان سان سڀني کي فائدو ٿيندو، جڏهن يورپي يونين ٺهي ته ان سان لاڳاپيل سمورن ملڪن جي زندگي جو معيار بلند ٿيو، جڏهن ڪسٽم ۽ ٻين ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي هجي، رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته ان سان سمورن ملڪن کي واپار ۾ فائدو ٿئي ٿو. اسان جي خطي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، هتي قائم ٿيندڙ ڪميٽين سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي خطي لاءِ ماحولياتي تبديلي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ جن ملڪن جي ندين ۾ گليشيئر جو پاڻي وڃي ٿو انهن کي خطرو آهي ته جيڪڏهن گرمي پد اهڙي طرح وڌندو رهيو ته ان جي لاءِ اڳتي پاڻي جا مسئلا وڌندا ويندا. پاڪستان، تاجڪستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ۽ قازخستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ۽ دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيا ته ان سان خطي ۽ پوري دنيا کي خطرو ٿيندو. اسان کي ان تحريڪ جو حصو ٿيڻ گهرجي.
197