ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) ميان صاحب لڳ سڱاوتي تڪرار تان ننڊ ستل ڳوٺاڻو گوليون هڻي قتل، جوابدار گهر خالي ڪري ويا، ان سلسلي ۾ جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ صدوري گورچاڻي ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي 55 ورهين جي امان الله گورچاڻي کي زخمي ڪيو، واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي گهر ڌڻي کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس ۽ وارثن کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا جيڪا ڳوٺ دادن گورچاڻي ۾ رسول بخش گورچاڻي جي گهر ۾ لڳا، جتان جوابدار اڳ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا، هوڏانهن مقتول جي وارثن ٻڌايو ته اسان پهريان سمجهيو ته هٿياربند چور هئا، پيرا کڻڻ بعد رسول بخش گورچاڻي جي گهر ۾ لڳا ڄاڻايل جوابدارن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو،
200