202

جيڪو آفيسر سياستدانن جي غلامي ڪري ٿو،اهو نوڪري ڪرڻ جي لائق ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ گهوٽڪي جي اڳوڻي ميونسپل چيئرمين اصغر شاهه ڪيس جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو آفيسر سياستدانن جي غلامي ڪري، اُهو نوڪري ڪرڻ جي لائق ئي ناهي، سرڪاري آفيسر تي اثرانداز ٿيندڙ چونڊيل نمائندو صادق ۽ امين نٿو رهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ گهوٽڪي جي اڳوڻي ميونسپل چيئرمين اصغر شاهه ڪيس جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏنا ته ڄام اڪرام الله ڌاريجو بابت رمارڪس واپس وٺڻ جي استدعا رد ڪريون ٿا، اسان ڪنهن هڪ سياستدان لاءِ ناهي چيو، اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر پاڻ مڃيو آهي ته سياستدانن وٽ وڃي نيازمندي ڪئي آهي، عدالت کي آگاهي ڏيندي اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته مامري جي جاچ شروع ڪئي ته ريڊر کي هٽايو ويو، جاچ آفيسر مقرر ڪيو ته اُن کي به هٽايو ويو، هاڻي مون کي به هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، منير کهڙو جي بيان تي عدالت طرفان سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو