شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ 10 ڏينهن اڳ ڏوهارين هٿان شھيد ٿيل پوليس اهلڪار منور علي جتوئي،عبدالخالق سولنگي ۽ ڦوٽو گرافر حسيب شيخ واري واقعي کانپوءِ پوليس پاران اڃان تائين ڏوهارين خلاف ڪو به اثرائتو آپريشن شروع ناهي ٿي سگهيو ۽ ڏڪ بند تي عارضي پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن، هوڏانهن ڌاڙيلن طرفان بڪتربند گاڏي تي حملو ڪري 3 جوانن کي شهيد ۽ 7 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس طرفان سردار تيغو خان تيغاڻي جي گرفتاري کان علاوه ڪيس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪا به شاهدي هٿ ڪري ناهي سگهي ۽ کيس اڄ شڪارپور جي دهشتگردي جي انت آڻڻ واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو،ذريعن پاران گرفتار ٿيل سردار تيغو خان تيغاڻي پوليس کي 161 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کان کتو جواب ڏيندي چيو آھي ته مان پنهنجو بيان ڪورٽ آڏو رڪارڊ ڪرائيندس ڇو ته پوليس مون کي ناحق گرفتار ڪيو آهي ۽ خدشو آھي ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو،ٻئي طرف پوليس شھيد اهلڪارن جي ڪيس ۾ نامزد ڌاڙيل خيرو عرف خير محمد،جهنگل،جان محمد تيغاڻي ۽ سردار تيغو خان جي مائٽن عمران خان تيغاڻي ۽ عبدالفتاح تيغاڻي سميت باقي نامزد ناليوار ۽ نامعلوم جوابدارن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.
229