227

بدين ويجهو گهرن کي مبينا باهه، 3 گهر سڙي رک، متاثرن جو مخالفن مٿان الزام، ڌرڻو

بدين (ويب ڊيسڪ) بدين ۾ حيدرآباد روڊ تي ڳوٺ راوت چانڊيو  ۾ علي نواز چانڊيو، مدد علي ۽ ذيشان چانڊيو جي گھرن کي باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل سمورو سامان رک ۾ تبديل ٿي ويو، تيز هوا ۽ فائربرگيڊ گاڏي دير سان پهچڻ سبب گھرن ۾ پيل کٽون، بسترا، ڪپڙا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويو، اهڙي عمل خلاف چانڊيا برادري جي ماڻهن بدين -حيدرآباد روڊ بند ڪري پوليس ۽ مخالفن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند هجڻ ڪري مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن علي نواز چانڊيو، مدد علي چانڊيو، مسمات الهبچائي، مسمات فرزانه ۽ ٻين چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان هتي ويٺا آهيون، جيڪو سرڪاري ڀڏو آهي، جنهن جو ٻن سالن کان هائي ڪورٽ حيدرآباد برانچ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته اڄ جڏهن اسان مزدوري تي ويل هياسين ته مخالفن رجب چانڊيو، ڀالو چانڊيو،خادم چانڊيو ۽ ٻين اسان کي ڳوٺ مان لڏڻ لاءِ اسان جي غير موجودگي ۾ ڇتي فائرنگ ڪري گھرن کي باھ  ڏئي لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي، اسان هن کان اڳ ۾ پڻ بدين پوليس کي تحفظ لاءِ درخواستون ڏنيون پر پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي مخالفن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي، مخالفن جي حملي ۾ هڪ ڄڻو حيدر چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو آهي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو