185

تعليمي ادارا کولڻ ۽ امتحان وٺڻ جو بهتر فيصلو…

ايڊيٽوريل

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اعلان ڪيو آهي ته هن سال امتحان لازمي ٿيندا جڏهن ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا صرف ڪمپلسري پيپر ورتا ويندا. تعليم جي وزيرن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شفقت محمود چيو ته اجلاس ۾ جيڪي به فيصلا ٿيا اهي اتفاق راءِ سان ٿيا. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ آسان ناهي ، تعليمي ادارن بابت فيصلا سمورن صوبن جي صلاح مشوري سان ڪيا ويا جڏهن ته وبا جي صورت ۾ تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ جو فيصلو آسان نه هو. شفقت محمود چيو ته اهو طئي ڪيو ويو آهي ته امتحان هن سال ضرور ورتا ويندا. تعليم واري وزير اعلان ڪيو ته نائين ۽ ڏهين جي صرف اختياري مضمونن ۽ رياضي جو پيپر ورتو ويندو يعني 9 ۽ ڏهين جي صرف چئن مضمونن جا پيپر ورتا ويندا جڏهن ته 11 ۽ 12 هين جي صرف اختياري مضمونن جا پيپر ورتا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته امتحان هاڻي 24 جون جي بجاءِ 10 جولاءِ کان منعقد ٿيندا ، جڏهن ته پهريان انٽر ۽ پوءِ ميٽرڪ جا پيپر هوندا. تعليم واري وزير چيو ته بورڊ کي به پيپرن ۾ وقفو رکڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن ٻارن کي تياري لاءِ مناسب وقت ملي سگهي. شفقت محمود نائين ۽ يارهين ڪلاس لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اسان سمجهون ٿا ته جمهوريت جو حسن اهو ئي آهي ته گڏيل ۽ اتفاق راءِ وارا فيصلا ڪيا وڃن، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪورونا دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان تعليم جو ئي ٿيو آهي، تقريبن پوڻن ٻن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ بند رهندڙ ادارا تعليم جا ئي آهن، گذريل سال پڻ ملڪ ۾ امتحان نه ورتا ويا ۽ شاگردن کي اڳتي واري ڪلاس ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جنهن سان پڻ سخت نقصان ٿيو، ڇو ته امتحان هر حال ۾ شاگردن جي لاءِ ئي فائديمند آهي، اسان سمجهون ٿا ته مصيبتن واري هن وقت ۾ حڪومت جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، عوام انهن جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پر اهڙن فيصلن سان تعليمي ادارن ۽ خاص ڪري پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن توڙي استادن کي سخت معاشي نقصان پڻ رسيو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ننڍا ننڍا اسڪول ته مڪمل بند ٿي ويا آهن، ڇو ته مالڪ معاشي نقصان برداشت ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي سگهيا، جڏهن ته ٻين اسڪولن جا حال پڻ خراب آهن، اسان حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪندي اها به گهر ڪنداسين ته حڪومت اهڙن پرائيويٽ اسڪولن لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪري جيڪي سخت کان سخت متاثر ٿيا آهن، گڏوگڏ هاڻ ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته سخت پابنديون لاڳو ڪري به تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته ادارا بند ٿيڻ سان شاگردن جا 3-3 سال ضايع ٿي چڪا آهن ۽ اهو قومي نقصان آهي، جنهن جي هاڻ ازالي جو وقت اچي چڪو آهي، اسان هتي خاص ڪري سرڪاري اسڪولن جي استادن کي به اها اپيل ڪنداسين ته هاڻ وڌ کان وڌ ٻارن جي پڙهائي تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو ڪيو وڃي، هاڻ ڪنهن به ڊمانڊ تحت ادارن کي بند ڪرڻ جو عمل يقينن قوم دشمني جي برابر هوندو، هي وقت هڪ قوم جي حيثيت ۾ گڏيل طور تي ٿيل قومي نقصان جي ازالي ۽ مستقبل جي معمارن جي راهن کي روشن ڪرڻ جو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته يقيني طور تي اهو مشڪل مرحلو به اسان پار ڪري وٺنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو