195

مسوليني هڪ آمر، جيڪو صحافي ۽ ناولسٽ به هو..!!

ليکڪ: الطاف ابڙو

عوام پهرين ته هن شخص کي مسيحا مڃيو پر پوءِ کيس چوواٽي تي ابتو ٽنگيو ۽ پٿر وسايا. بنوٽي مُسوليني ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هٽلر کان به وڌيڪ ظالم هو، پر هٽلر بابت ايترو ته گوڙ ڪيو ويو جو مسوليني جا ظلم پسمنظر ۾ هليا ويا، جديد تاريخ ۾ دنيا جي تختي تي جيڪي به انتهاپسند آمر گذريا آهن انهن ۾ مسوليني جو نالو سرفهرست آهي، هن جمهوريت ۽ عوام جو ڳلو گھٽڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو، مسوليني اٽلي جي نيشنلسٽ فاشسٽ پارٽي جو باني سربراهه هو، 1922ع کان 1943ع تائين هن مسلسل 21 سالن تائين اٽلي تي حڪومت ڪئي، هو اٽلي جي تاريخ ۾ سڀ کان گھٽ عمر وارو وزيراعظم هو، پنهنجي عهدي جي شروعات ۾ ٽن چئن سالن تائين ته جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي حڪومت ڪيائين پر پوءِ هو اگھاڙي آمريت تي لهي آيو، هن اٽلي کي پنهنجي سلطنت سمجھي ورتو ۽ جيڪو به سندس مخالفت ڪندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، هن اهڙا قانون جوڙايا جو هوملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو، مسوليني 29 جولاءِ 1883ع ۾ ويرانو ڊي ڪوسٽا واري علائقي ۾ پيدا ٿيو. نظرياتي انتهاپسندي کيس پنهنجي پيءُ ايليساندرو مسولينيءَ کان ورثي ۾  ملي هئي، جيڪو هڪ لوهار ۽ سوشلسٽ  هو. مسولينيءَ جي ماءُ روزا مالٽوني هڪ ڪيٿولڪ عيسائڻ ۽ هڪ استاد هئي. ڪن مورخن مطابق هي وڪٽر هيوگو جي مشهور فرانسيسي ناول ليس مائزريبل کان متاثر هو، نه صرف ايترو پر هن هڪ ڪتاب ”دي ڪارڊينيلز مسٽريس“ به لکيو جيڪو هڪ مقبول ڪتاب ثابت ٿيو ۽ دنيا جي ڏهن زبانن ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو هن ناول ۾ اصل  ۾ هن ڪيٿولڪ چرچ تي ٽوڪ ڪئي هئي، ان وقت اٽلي ۾ لازمي فوجي سروس وارو قانون هو. مسوليني ان کان بچڻ لاءِ سئٽرزلينڊ ڀڄي ويو. جڏهن موٽيو ته ڪجھه وقت لاءِ هڪ اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳو، ڪجھه وقت فوج ۾ به ڪم ڪيائين، پوءِ صحافت ڪرڻ لڳو ۽ سوشلسٽ پارٽي جي رسالي جي ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، 1914ع ۾ جڏهن پهرين عالمي جنگ شروع ٿي ته مسوليني جي راءِ هئي ته اٽلي کي غيرجانبدار نه رهندي برطانيا ۽ فرانس جي طرفان ميدان ۾ لهڻ گھرجي جنهن کان پوءِ کانئس ايڊيٽرشپ کسي پارٽي مان ئي نيڪالي ڏني وئي. 1919ع ۾ مسوليني فاشسٽ پارٽي جوڙي جنهن ۾ هن پنهنجن هم خيال ماڻهن خاص ڪري اڳوڻن فوجين کي ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو، اهو اٽلي ۾ ڇتي قوم پرستي جي اڀار وارو دور هو،”نيشن فرسٽ“ وارو نعرو لڀائيندڙ ثابت ٿي رهيو هو ۽ مسوليني کي اها تاريخ ساز حمايت حاصل ٿي جيڪي اڳتي هلي ان جي بي لغام آمريت جو سبب بني.  27  ۽ 28 آڪٽوبر واري رات جو اٽڪل 30هزار فاشسٽن جو ٽولو تنهن وقت واري وزيراعظم لوئگي فئڪٽا کان استعفيٰ جي گھر ڪندي روم تي چڙھائي ڪري آيو، جنهن جي قيادت مسوليني ڪري رهيو هو جمهوري حڪومت جي حفاظت تان فوج به هٿ کڻي ورتو مارشل لا لڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو نتيجو اهو نڪتو ته وزيراعظم لوئگي فئڪٽا کي اقتدار تان هٿ کڻڻو پيو بادشاهه وڪٽر اقتدار مسوليني جي حوالي ڪري ڇڏيو، مسوليني هٽلر کي هڪ بي لوث انسان سمجھندو هو پر هو اندر ئي اندر ان جي جرمنيءَ ۾ تمام گھڻي مقبوليت کان ساڙ به رکندو هو،  2009ع ۾ مسوليني جي محبوبه ڪليريٽا پيتاسي جون ڪي ڊائريون منظر عام تي آيون. ڊائرين ۾ موجود  معلومات مطابق مسوليني پاڻ کي هٽلر جو جونيئر حامي سمجھڻ سبب ڪاوڙيل هوندو هو، ٻي عالمي جنگ ۾ مسوليني جرمنيءَ آمر جو ساٿ ڏنو هو پر 1943ع جي ايندي ايندي اهڙو فيصلو هن جي خلاف هڪ آفت ثابت ٿيو، اٽلي ۾ مسوليني جي ان فيصلي بابت بي سڪوني ڦھلجي وئي، سندس قيادت خلاف سوال اٿڻ لڳا، نيٺ 1943ع ۾ 25 جولاءِ واري تاريخ تي اٽليءَ جي بادشاهه سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي، مسوليني کي گرفتار ڪيو ويو جيتوڻيڪ هو گھڻا ڏينهن جيل ۾ نه رهيو پر سيپٽمر ۾ ئي ان کي هٽلر ڇڏائي ورتو. 1945ع ۾ جڏهن اهو بلڪل صاف ٿي ويو هو ته جرمني ٻي عالمي جنگ هارائڻ وارو آهي ته مسوليني سئٽزرلينڊ فرار  ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو، پنهنجي محبوبه ۽ ڪجھه ڀروسي جوڳن دوستن سان کيس گرفتار ڪيو ويو، اها 27 اپريل 1945 واري تاريخ هئي، ٻئي ڏينهن 28 اپريل تي مسوليني کي سندس محبوبه ڪليريٽا پيتاسي ۽ سندس پندرهن ساٿين سميت گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، مسوليني جي موت جي صرف ٻن ڏينهن کان پوءِ 30 اپريل 1945ع تي هٽلر به خودڪشي ڪري ورتي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو