ليکڪ: مظهر عباس
ٻارهون رانديگر به ڇا عجيب رانديگر آهي، راند ٿيندي رهي ٿي، شور مچندو رهي ٿو، داد ملندو رهي ٿو ۽ هو سڀني کان الڳ انتظار ڪندو آهي هڪ اهڙي ساعت جو، هڪ اهڙي لمحي جو، جنهن ۾ ڪو سانحو ٿي وڃي، پوءِ هو راند کيڏڻ لاءِ نڪري، تاڙين جي گونج ۾ هڪ جملو سٺو، هڪ تحسين جو نعرو ان جي نالي به ٿي وڃي، خبر ناهي ڇو پر مون کي اڪثر ميان شهباز شريف کي ڏسي افتخار عارف جو نظم ”ٻارهون کلاڙي“ ياد اچي ويندو آهي، شهباز شريف جي سياست ۾ اهو لاهو چاڙهو گهڻي عرصي کان ڏسي رهيو آهيان، هر ڀيري هو پنهنجي ٽيم بڻائڻ چاهيندو آهي، هڪ ڀيرو ته حڪومت ٺاهڻ کان اڳ ڪابينا به ٺاهي ويٺو هو، پر پوءِ ان سان سياسي حادثو ٿي وڃي ٿو ۽ سندس پوزيشن ٻارهين رانديگر واري نظر اچي ٿي، ڪڏهن هو پوري اعتماد سان ملڪ واپس اچي ٿو ته مفاهمت ٿي وئي پر کيس جيل وڃڻو پئجي وڃي ٿو، اهڙي ئي اميد کڻي هو ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي گهر کان لنڊن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو، سڄو ڏينهن سٺيون خبرون اچي رهيون هيون، لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جي اجازت ڏني ته روانگي جون تياريون عروج تي هيون، وڃڻ جي ٽڪيٽ به ڪنفرم هئي ۽ واپسي جي به، وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي اعتماد وارن ساٿين کي اعتماد ۾ ورتو، ضروري هدايتون جاري ڪيون، پر کيس ڪهڙي خبر هئي ته بليڪ لسٽ کانسواءِ وزيراعظم عمران خان جي هڪ واچ لسٽ به آهي، خان صاحب ملڪ کان ٻاهر هو، ڪورٽ جو فيصلو آيو ته فوري طور تي کيس اطلاع ڏنو ويو ته ٻيو به وڃي پيو، جواب آيو Not at all وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد تازو ئي ڪراچي ۾ هڪ ملاقات ۾ انڪشاف ڪيو ته شهباز کي موڪلڻ واري فيصلي سان وزيراعظم عمران خان انهن ماڻهن کان سخت ناراض هو، جيڪي شهباز کي مبينا طور موڪلي رهيا هئا، جهڙي ڦڙتي سان ٻاهر موڪلڻ جو ڪم ٿيو، ان سان عمران خان سخت ناراض ٿيو، شيخ صاحب واضح پيغام ڏنو ته هاڻ شهباز ۽ مريم جو وڃڻ ڏکيو آهي، شهباز شريف جيڪو مفاهمتي فارمولو کڻي ڀائي جان وٽ وڃڻ چاهي رهيو هو اهو هتي رهجي ويو ۽ هو لنڊن بدران اسلام آباد اچي ويو، هن ڀيري هو جيل کان ٻاهر آيو ته گهڻو پر اعتماد هو، غير ملڪي سفيرن سان به ملاقاتون شروع ڪيائين، کيس لڳو ته شايد معاملا ٺيڪ ٿي رهيا آهن، پر هاءِ ڪورٽ کان ايئرپورٽ تائين بازي ابتي ٿي وئي ۽ سياست جو ٻارهون رانديگر وري ڪنهن هڪ نئين انتظار لاءِ ويهي رهيو، 2018ع جي چونڊن کان اڳ وڏو ڀاءُ اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف نااهل ٿيو ۽ سزا يافتا به، ڌيءُ مريم جي سر مٿان به نااهلي جي تلوار لٽڪي پئي، ڀاءُ ۽ چاچو سمجهيا ته شايد هاڻ ڳالهه ٺهي وئي، ڀاءُ سان مليو ته هن کيس نامزد ڪرڻ بدران سوال اٿاري ڇڏيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ شهباز کي وري انتظار ڪرڻو پيو، شهباز جي سياست به ڪمال جي سياست آهي، ڪڏهن بس مس ٿي وڃي ٿي ته ڪڏهن فلائيٽ، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به هائيجيڪنگ ڪيس ۾ سزا (عمر قيد) وڏي ڀاءُ کي ٿي ۽ شهباز شريف بري ٿي ويو، 10 سالن جي ڊيل ٿي ته شهباز جي نه وڃڻ جي اسرار باوجود کيس به سعودي عرب به وڃڻو پيو، لڳي ائين ٿو ته ڪجهه قوتون شهباز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي حق ۾ هيون پر جيڪي ماڻهو ڪپتان کي ڪرڪيٽ جي زماني کان سڃاڻن ٿا، انهن کي خبر آهي ته هو ته سليڪٽرز جي ٺاهيل ٽيم ئي تبديل ڪري ڇڏيندو هو، جيڪڏهن ان کي پسند نه اچي ته، لڳي ائين ٿو ته هتي ڪپتان نواز شريف کي جنهن انداز ۾ موڪليو ويو ان جي ڪاوڙ ننڍي ڀاءُ تي لاهي ڇڏي، ائين لڳي ٿو ته هن ڀيري ”شريفن ۽ سليڪٽرن جي وچ ۾ رڪاوٽ پاڻ عمران خان آهي، هاڻ شهباز صاحب وٽ آپشن ختم ٿيندا پيا وڃن، هن وقت شهباز شريف سميت وڏين پارٽين جا سربراهه گهٽ ۾ گهٽ 70 سالن جي لڳ ڀڳ آهن، ان ڪري 2023ع جي چونڊ انهن مان گهڻن جي آخري چونڊ هوندي، ان ڪري جيڪڏهن هن ڀيري به شهباز شريف جي بس نه هلي سگهي ته هو ٻارهين کلاڙي جي حيثيت سان ئي رٽائرڊ ٿي ويندو، ويجهڙ ۾ شهباز شريف کي هڪ ويجهي ساٿي مشورو ڏنو ته ميان صاحب کي ٻڌايو ته نيون غلطيون ڀلي ڪري پر پراڻيون نه ورجائي، 1993ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ سندس حڪومت جي برطرفي کي غير آئيني قرار ڏيندي بحال ڪيو، پر صدر غلام اسحاق خان فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ميان صاحب ڊڪٽيشن نه وٺڻ جي ولولي واري تقرير کانپوءِ ڊڪٽيشن ورتي ۽ صدر اسحاق سان گڏ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کي پوءِ ڪاڪڙ فارمولي جو نالو ڏنو ويو، اهڙو ئي ڪجهه جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيو، هڪ سال ٻنهي ڀائرن جيل ڪاٽيو، بيگم ڪلثوم نواز مرحومه تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪيترن ئي پارٽي ليڊرن کي ٿورڙو شرم به ڏياريو، جڏهن تحريڪ زور وٺڻ لڳي ته هو هڪ اهڙي ڊيل ڪري ويٺا، جنهن ۾ 10 سال سياست نه ڪرڻ جو واعدو شامل هو، شهباز ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، پر کيس زبردستي جهاز ۾ ڀاءُ جي برابر واري سيٽ تي ويهاريو ويو، هن ڀيري به ميان نواز شريف ٻاهر آهي ۽ شهباز اندر-ٻاهر، هاڻ هو پارلياماني سياست تائين محدود آهي، مخالف ڌر جي پارٽين جو اهو حال آهي ته اهي پاڻ ئي وڙهي رهيون آهن، ڪپتان سان ڇا وڙهنديون؟ گذريل پورن 3 سالن ۾ هڪ ڀيرو به حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪو وڏو خطرو لاحق ناهي ٿيو، حڪومت کي جيڪو به خطرو آهي اهو پنهنجن مان ئي آهي، ڪڏهن مان تفصيل سان لکندس، ميان نواز شريف جي سياست ڪارين تي، هڪ وڏي پارٽي بيهاري پاڻ ئي ويهي وڃي ٿو، ليڊر فرنٽ تان ليڊ ڪندو آهي، هاڻ ڏسون ته ميان صاحب ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي اپيلن جو فيصلو ڪهڙو اچي ٿو، جيڪڏهن اهي رد ٿي ويون تڏهن به ميان شهباز شريف ٻارهون کلاڙي ئي رهندو ۽ منظور ٿي ويون تڏهن به چونڊ کٽڻ جي صورت ۾ عثمان بزدار جي جاءِ ئي وٺي سگهي ٿو، جڏهن موقعو هوندو آهي ته ڪو نه ڪو شاهد خاقان اچي ويندو آهي. بدقسمتي سان مخدوم امين فهيم سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو هو، جڏهن کيس پورو يقين هو ته وزيراعظم ٿي ويندو ته يوسف رضا گيلاني اچي ويو ۽ اهو به سياست جو ٻارهون کلاڙي ئي رهيو.