180

تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي ۽ ڪراچي جي مالڪي جو سوال..؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو

هاڻ صورتحال ٻي آهي، هٿ تي هٿ رکي نه ويهجي، اسان به گهڻا دور ڏٺا، جن ۾ خاص سياسي رخ، ڊيموگرافڪ بيهڪ، ڏينهون ڏينهن مٽجندڙ آبادين جي پيهه، اهو به مڃون ٿا ته اسان وٽ شهري آبادي جي شرح ٻين صوبن جي نسبت گهڻي آهي، تازو ناڻي واري وزير اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي 9 وڏن شهرن تي معيشت جو 85 سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته انهن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن، صحت، تعليم ۽ ڀلائي تي خرچ ٿئي ٿو ته پوءِ ڇو نه اسان پنهنجن شهرن جي پاڻ مالڪي ڪريون، اسان وٽ زرعي سيڪٽر به آهي، جيتري شهري آبادي جي گهرج آهي ۽ ان ۾ واڌ ٿي رهي آهي ته اسان جي حصيداري به ان ۾ ضروري آهي، اسان هاڻ رڳو پنهنجن ئي شهرن جي ڳوٺن، ڪچين آبادين، سلم ايرياز (جتي شهري سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن) مطلب ته صاف پاڻي، گئس، پڪا رستا، سرڪاري اسڪول، روزگار جا موقعا ۽ ٻيون سهولتون ناهن، اهي مهيا ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريون، لياري کان وڌيڪ پراڻي آبادي ٻي ڪهڙي هوندي؟ پر بدقسمتي سان حڪومتن طرفان ڌيان نه ڏيڻ تي اتي رهندڙن جي حالت خراب آهي، ائين ئي ابراهيم حيدري، گڏاپ يا ملير جي ڪيترين ئي ڪچين آبادين ۾ وڃي ڏسجي ته خبر پوندي ته اتان جا ماڻهو اڃا تائين پٿر جي دور واري زندگي پيا گذارين،  ڇو ته اتي ترقي جو نالو به ناهي پهتو، مٿان وري انهن جي ڳوٺن تي قبضا ڪري گهر ڊهرائي وڏيون سوسائٽيون، ڪالونيون اڏجي رهيون آهن ۽ انهن هنڌن تي ملڪي توڙي غير ملڪي پلاٽ خريد ڪري رهيا آهن، اهي سستن اگهن ۾ ورتل پلاٽ وري ڪروڙن ۾ کپايا وڃن ٿا، پر اتي هڪ سوال اهو به آهي ته ڇا اهي ماڻهو ڏوهاري نه آهن، جيڪي ٽڪي پئسي يا لکن جي حساب سان پنهنجيون زمينون وڪڻي رهيا آهن، ڀلا اهي راضي ڇو ٿا ٿين؟ ۽ اهي پلاٽ، زمينون ۽ گهر گهاٽ کپائي وري پاڻ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ وڃي ٿا ويهن، پر جيڪڏهن ڄاڻايل علائقن ۾ صنعتون، فيڪٽريون، گهربل اسڪلز هجن ها ته اهي پنهنجيون ملڪيتون ڇو وڪڻن ها؟ سهولتون هجن ها ته اهي ماڻهو ڪو روزگار ۽ هنر سکي وٺن ها ۽ پنهنجن علائقن ۾ ترقي جا ڪم ڏسڻ ۾ اچن ها، جيڪڏهن ماڻهن وٽ پئسو ڏوڪڙ اچي ها ته اهي گهر ٺهرائين ها، گاڏي وٺن ها، ڪاروبار وڌائين ها، مطلب ته پئسي کي بند ڪري ته نٿو ويهي سگهجي، هتي 2 ڌريون ڏوهاري نظر اچن ٿيون، هڪ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪيت کپائي رهيا آهن ۽ ٻي سرڪار جيڪا انهن کي سهولتون نه ڏئي سگهي آهي. 2018ع جي چونڊ جيڪڏهن شفاف ٿئي ها ته نتيجا هاڻوڪين ضمني چونڊن وارا هجن ها، جيئن ڪراچي جي اين اي 249 تي تڪ ڪايا ئي پلٽي وئي، پي ٽي آءِ وارن 2018ع ۾ اها چونڊ کٽي هئي، پر تڪ جي ماڻهن ۾ سندن پاڙون نه هيون، انهن اتي ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو، انهن تڪ جي ماڻهن کي سڃاتو ئي نه، نه ئي انهن سان ڪو واسطو رکيائون، حقيقت اها ئي هوندي آهي ته جيڪو پاڙون رکندو آهي، اهو ئي ثمر ڏيندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته شهرن جي ڊيموگرافي جيئن چيئنج ٿي رهي آهي، تيئن اسان به ان ۾ داخل ٿيون ۽ ان جو واحد حل پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ آهي، هي شهر ته ملٽي ڪلچرل شهر رهيو آهي، مطلب 20 هين صديءَ هتي جي ڊيموگرافي الڳ هئي ۽ هاڻي الڳ آهي، هندو سنڌي، پارسي، مسلمان سنڌي (ان وقت تي سنڌي هندن کي الڳ ڏيکارڻ لاءِ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيون به ٺهيون، ته جيئن هندو ۽ مسلم سنڌين ۾ فرق ڪري سگهجي) پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڄاڻايل آباديون آهستي آهستي تبديل ٿينديون ويون، جن ۾ ڀارت کان آيل ٻين ٻولين ديرا ڄمايا، انهن ۾ گجراتي، پنجابي، اردو ۽ سنڌي سميت ميمڻ به شامل هئا، آهستي آهستي وري اهي بدلبا رهيا، جڏهن ملڪ جي آبادي 7 ڪروڙ هئي تڏهن اردو ڳالهائڻ وارا اولهه پاڪستان ۾ 3 سيڪڙو به نه هئا، پر بهارين جي 1971ع ۾ اچڻ سان سندن شرح وڌي، مشرف جي دور ۾ باقي رهيل سهيل به سامونڊي جهازن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪيا، ڇو ته انهن جا مائٽ هتي ترسيل هئا، انهن ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو هو، جيئن پاڪستاني ۽ افغاني پٺاڻن ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي، ان ڪري اهي افغاني پٺاڻ به هن شهر جي آبادي جو حصو ٿي ويا آهن، هڪ سروي مطابق اردو ڳالهائڻ وارن جي آبادي جي شرح ۾ ايترو اضافو ناهي ٿيو، جيترو ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ واڌ آئي اهي، اسان جي ڊيموگرافي 1970ع واري ناهي، هاڻ ان ۾ فرق آهي، اسان وٽ هر پئسي وارو پنهنجو ٻيو گهر ڪراچي ۾ ٿو ٺاهي، پوءِ ڀلي اهي پئسا ڪارا هجن يا اڇا، جيڪو به پڙهيل لکيل طبقو آهي اهو به نوڪري لاءِ هن شهر کي موذون ٿو سمجهي ۽ وري هلڪا ڦلڪا ڪاروبار به آهستي آهستي ڳوٺن کان ڪچين آبادين ۽ اتان کان شهرن ۾ شفٽ ٿيندا رهن ٿا، جيئن حيدرآباد جي صورتحال آهي، جتي زبردست واڌ آئي آهي، ساڳي ڳالهه هن شهر سان به آهي، هڪ سروي مطابق شهر ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي سمورن مهاجرن کي گڏائي 1947ع يا ان کانپوءِ جي لڏپلاڻ ۾ 48 سيڪڙو مس هئي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ لوڪل سنڌي، ڪي پي ڪي جو پٺاڻ، پنجابي، سرائيڪي، لوڪل بلوچ، گلگتي بلتي، ڪشميري، هزاره بيلٽ جا پٺاڻ ۽ هندڪو وغيره روزگار جي بهاني سان ايندا رهيا، وڌندا رهيا، انهن جون ڪالونيون به ٺهنديون رهيون ۽ وري بنگالي ۽ بهاري وڏو ڪردار آهن.مطلب ته شهر جي ڊيموگرافي ايتري تيزي سان تبديل ٿي يا مٽجي وئي آهي، جو اندازي کان ٻاهر هاڻي ته هن شهر کي مني پاڪستان نه پر مني ايشيا چئجي ته بهتر ٿيندو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، مذهبن، فرقن، ٻولين ۽ ڪلچر جي ڀرمار لڳل آهي، پر انهن سڀني ۾ جيتري آبادي پٺاڻن جي آهي، ايتري ٻي ڪا به ناهي وڌي، شهر جي اسڪرٽس ۾ جتي سنڌي آباديون آهن، اتي پٺاڻ آباديون اڃا وڌيڪ ڳتيل آهن، اهي ايتريون بي ترتيب ۽ بي سريون آهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، پر ان هوندي به هو اچي ۽ قبضو ڄمائي ويهي رهن ٿا ۽ ٿوري وقت ۾ ريڙهي، موچڪو دڪان ۽ ٽپڙي وڇائي فوٽ پاٿ تي ويهي ڌنڌي ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته اهي هن شهر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ووٽ داخل ڪرائي پنهنجن ئي آفريدين ۽ مندوخيلن کي اسيمبلين تائين پهچائين ٿا. اسان اتي جو اتي رڳو وڏيري جي اشاري تي 5 هزار ڪرايو ڀري ڳوٺ ووٽ ڏيڻ هليا وينداسين، پر هتي ٻه پير ڀري 2 رپيا خرچ ڪري ووٽ داخل نٿا ڪرايون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي کي ڏسي اسان کي به پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪري هتي ووٽ داخل ڪرائڻ گهرجن. جيئن پنهنجا ماڻهو هنن تڪن تان به اسيمبلين ۾ پهچي سگهن ۽ وڌ کان وڌ انهن علائقن ۾ آباد ٿي اتي نه صرف پنهنجا گهر اڏيون پر پنهنجن شهرن جي هر معاملي تي مالڪي ڪريون، حڪومتن کي به ڄاڻايل پٺتي پيل سنڌي علائقن ۾ ڪارخانا لڳرائي عوام کي سهولتون ڏيڻ گهرجن، ڇو ته ان ۾ ئي انهن جو به ڀلو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو